وزيراعظم شهباز شريف سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي ملاقات

لاهور -01 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي گذريل ڏينهن ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن وزيراعظم کي روم ۽اٽلي ۾ ٿيل چار ملڪي گهرو وزيرن واري اجلاس ۾ پنهنجي شرڪت بابت بريفنگ ڏني جنهن ۾ پاڪستان کان علاوه اٽلي، اسپين ۽ يونان جي گهرو وزيرن  شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گهرو وزير محسن نقوي …

لاهور -01 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي گذريل ڏينهن ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن وزيراعظم کي روم ۽اٽلي ۾ ٿيل چار ملڪي گهرو وزيرن واري اجلاس ۾ پنهنجي شرڪت بابت بريفنگ ڏني جنهن ۾ پاڪستان کان علاوه اٽلي، اسپين ۽ يونان جي گهرو وزيرن  شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گهرو وزير محسن نقوي وزيراعظم کي پولينڊ ۾ ٿيل ڇهه ڌري گهرو وزيرن جي اجلاس ۾ پنهنجي شرڪت بابت به بريف ڪيو جنهن ۾ پاڪستان ۽ پولينڊ کان علاوه ليٽويا، فن لينڊ، ايسٽونيا ۽ ليٿوانيا جي گهرو وزيرن شرڪت ڪئي. گهرو وزير وزيراعظم کي ٻڌايو ته ٻنهي ڪانفرنسز ۾ شريڪ ملڪن پاڪستانين لاءِ قانوني ورڪ پرمٽ جلد کان جلد جاري ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. هن ٻڌايو ته ميمبر ملڪن يورپي ملڪن پاران غيرقانوني سفر ڪندڙن جي تعداد ۾ رڳو هڪ سال ۾ 47 سيڪڙو گهٽتائي آڻڻ ۽ انساني اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ قدمن تي پاڪستان جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي. هن وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته پولينڊ ۽ اٽلي پاڪستاني سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽ رکندڙن لاءِ جلد ويزا جو شرط ختم ڪندا.  پاڪستان جي اميگريشن ۽ بارڊر سيڪيورٽي جي صلاحيت ۽ سگهه ۾ بهتري لاءِ يورپي يونين ۾ جلد کان جلد پلان پيش ڪيو ويندو. وزيراعظم گهرو وزير جي ڪوششن جي تعريف ڪئي. ملاقات ۾ ملڪي ۽ مجموعي  صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون.

مزید خبریں