گهرو معاملن بابت وفاقي سيڪريٽري جي صدارت ۾ امن امان ۽ سيڪيورٽي جي انتظامن کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان اجلاس منعقد

اسلام آباد -01 مارچ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي سيڪريٽري ڪيپٽن (ر) محمد خرم آغا جي صدارت ۾ وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ امن امان ۽ سيڪيورٽي جي بهترين انتظامن کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ۽ چيف ڪمشنر اسلام آباد محمد علي رنڌاوا، انسپيڪٽر جنرل اسلام آباد سيد علي ناصر رضوي، پوليس ۽ ضلعي انتظاميه …

اسلام آباد -01 مارچ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي سيڪريٽري ڪيپٽن (ر) محمد خرم آغا جي صدارت ۾ وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ امن امان ۽ سيڪيورٽي جي بهترين انتظامن کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ۽ چيف ڪمشنر اسلام آباد محمد علي رنڌاوا، انسپيڪٽر جنرل اسلام آباد سيد علي ناصر رضوي، پوليس ۽ ضلعي انتظاميه جي آفيسرن سميت لاڳاپيل آفيسرن به شرڪت ڪئي. وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ امن امان سميت پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين خلاف قدمن جي حوالي سان جائزو ورتو ويو. گذريل ڏينهن سي ڊي اي پاران جاري بيان موجب وفاقي سيڪريٽري محمد خرم آغا چيو ته پاڪستان حڪومت جو عزم آهي ته غيرقانوني طور  رهندر پرڏيهين خلاف قانون موجب ڪارروائي کي اثرائتو بڻائيندي ملڪ جي سلامتي ۽ استحڪام کي يقيني بڻايو وڃي، اجلاس ۾ مڪمل طور تي سنگل ويزا رجيم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ون ويزه رجيم تي عمل لاءِ غيرقانوني افغان رهواسين خلاف فارنرز ايڪٽ 1946ع تحت ڪارروائي ڪئي ويندي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين خلاف ڪومبنگ آپريشن کي وڌيڪ تيز ۽ ان جو دائرو وڌايو ويندو. ان موقعي تي سي ڊي اي چيئرمين ۽ چيف ڪمشنر اسلام آباد محمد علي رنڌاوا غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين خلاف هن وقت تائين کنيل قدمن کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي رهائش ڏيڻ تي مالڪ مڪان خلاف قانون موجب ڪارروائين جو عمل جاري آهي. وفاقي سيڪريٽري  چيو ته گهرو وزارت پاران ڪو به ري لوڪيشن پروگرام لاڳو ناهي ڪيو ويو. هن چيو ته غيرقانوني طور رهندڙ  پرڏيهين کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ ڪميونٽي کي به شامل ڪيو وڃي. ان موقعي تي انسپيڪٽر جنرل اسلام آباد پوليس سيد علي ناصر رضوي چيو ته سيف سٽي ڪيميرائون ۽ جديد ٽيڪنالاجي ذريعي مرڪزي شاهراهن، مرڪزن ۽ رهائشي علائقن جي نگراني جو مڪينزم ٺاهيو ويو آهي. هن چيو ته شڪي سرگرمين ۽ ماڻهن تي سخت رکڻ ۽ سندن مڪمل ڊيٽا جوڙي وئي آهي.

مزید خبریں