گڏيل قومن جي انتظام هيٺ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ سامونڊي گاهه جي اهميت جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو

اسلام آباد -01 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي انتظام هيٺ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ سامونڊي گاهه جي اهميت جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ساموندي گاهه جي عالمي سطح تي کوٽ بابت شعور اجاگر ڪرڻ آهي. تازن انگن اکرن موجب سڄي دنيا ۾ سمنڊن ۾ موجود ان گاهه  ۾ هر سال اٽڪل 7 سيڪڙو گهٽتائي ٿي رهي آهي. واضح رهي ته سامونڊي …

اسلام آباد -01 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن جي انتظام هيٺ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ سامونڊي گاهه جي اهميت جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ساموندي گاهه جي عالمي سطح تي کوٽ بابت شعور اجاگر ڪرڻ آهي. تازن انگن اکرن موجب سڄي دنيا ۾ سمنڊن ۾ موجود ان گاهه  ۾ هر سال اٽڪل 7 سيڪڙو گهٽتائي ٿي رهي آهي. واضح رهي ته سامونڊي گاهه غذائي تحفظ، موسمياتي تبديلي جي بحران م گهٽتائي، حياتياتي واڌ ويجهه کي هٿي ڏيڻ، پاڻي کي صاف ڪرڻ، سامونڊي ڪنارن وارين پٽين جي حفاظت ۽ مختلف بيمارين تي ضابطو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. عالمي ڏينهن جي مناسبت سان سڄي ملڪ ۾ سرڪاري، غير سرڪاري ۽ نجي ادارن جي انتظام هيٺ مختلف تقريبون منعقد ڪيون ويون ۽ سامونڊي گاهه جي اهميت جي حوالي سان عوامي شعور اجاگر ڪيو ويو.

مزید خبریں