ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي تي عالمي مداخلت جي درخواست

اسلام آباد -01 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي آبي وسيلن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين احمد عتيق انور عالمي برادري تي زور ڀريو آهي، ته هو ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي جي سڌي ريت ڀڃڪڙين خلاف ڪارروائي ڪري. هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته هو ڀارتي آبي جارحيت جو نوٽيس وٺي ۽ ڏهاڪا پراڻي پاڻي جي ورهاڱي جي معاهدي تي عمل کي يقيني بڻائڻ ۾  مدد ڪري. …

اسلام آباد -01 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي آبي وسيلن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين احمد عتيق انور عالمي برادري تي زور ڀريو آهي، ته هو ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي جي سڌي ريت ڀڃڪڙين خلاف ڪارروائي ڪري. هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته هو ڀارتي آبي جارحيت جو نوٽيس وٺي ۽ ڏهاڪا پراڻي پاڻي جي ورهاڱي جي معاهدي تي عمل کي يقيني بڻائڻ ۾  مدد ڪري. اي پي پي کي ڏنل انٽرويو ۾ چيئرمين احمد عتيق انور چيو ته پاڪستان ان معاملي کي عالمي فورمز تي اٿارڻ ۽ معاهدي جي شقن تحت قانوني ڪارروائي لاءِ ٽياڪڙي جي مستقل عدالت ذريعي ڪيس جي پيروي ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. هن چيو ته اسٽينڊنگ ڪميٽي عالمي برادري کي صورتحال جي سنگيني کان آگاهه ڪيو آهي ۽ عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته ڀارت آبي وسيلن کي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي. هن علائقائي امن ۽ اقتصادي استحڪام جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته عالمي برادري کي سنڌ طاس معاهدي جي پاسداري لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهڻ گهرجي. چيئرمين ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته پاڪستان ڀارت سان مضبوط سفارتي لاڳاپا رکندڙ دوست ملڪن سان ڳالهيون ڪندو ۽ انهن تي زور ڀريندو ته هو معاهدي جي پاسداري جي حوصلا افزائي لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ چيئرمين اشارو ڏنو ته ان حوالي سان سفارتي ڪوششون ۽ قانوني صلاح مشورو جاري آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان ان معاملي کي عالمي چئنيلز ذريعي باضابطا حل جي تياري ڪري رهيو آهي.

مزید خبریں