رياض -01 مارچ (اي پي پي)سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽيليفون تي رابطو ڪيو. پرڏيهي ميڊيا موجب صدر ڊونلڊ ٽرمپ خطي ۾ ڇڪتاڻ جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ سعودي عرب لاءِ آمريڪي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. سعودي ولي عهد سان عمان جي فرمانروا سلطان هيثم بن طارق، شام جي صدر احمد الشرع ۽ لبنان جي صدر به …
سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو رابطو

مزید خبریں
رياض -01 مارچ (اي پي پي)سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽيليفون تي رابطو ڪيو. پرڏيهي ميڊيا موجب صدر ڊونلڊ ٽرمپ خطي ۾ ڇڪتاڻ جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ سعودي عرب لاءِ آمريڪي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. سعودي ولي عهد سان عمان جي فرمانروا سلطان هيثم بن طارق، شام جي صدر احمد الشرع ۽ لبنان جي صدر به ٽيليفون تي رابطو ڪيو. رابطي ۾ ملٽري ڇڪتاڻ، علائقائي ۽ عالمي سلامتي تي ان جي اثرن ۽ خطي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون ۽ رياستن جي خودمختياري ۽علائقائي سلامتي جو احترام ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو ويو. لبنان جي صدر سعودي عرب تي حملي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته لبنان جي حڪومت ۽ عوام سعودي عرب ۽ ان جي عوام سان گڏ بيٺل آهي.











