لاهور-28 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سمورن لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي ادارن کي چوڪس رهڻ، جامع ۽ موثر سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ، پرڏيهي وزارت کي ايران مان پاڪستانين جي حفاظت سان وطن واپسي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي عوام ۽ هٿياربند فوج ملڪ جي سلامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي تحفظ لاءِ هر وقت تيار آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ …
وزيراعظم جي صدارت ۾ ملڪ ۾ مجموعي سيڪيورٽي صورتحال تي اعليٰ سطحي جائزه اجلاس

مزید خبریں
لاهور-28 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سمورن لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي ادارن کي چوڪس رهڻ، جامع ۽ موثر سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ، پرڏيهي وزارت کي ايران مان پاڪستانين جي حفاظت سان وطن واپسي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي عوام ۽ هٿياربند فوج ملڪ جي سلامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي تحفظ لاءِ هر وقت تيار آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ مجموعي سيڪيورٽي صورتحال تي اعليٰ سطحي جائزه اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيمه، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءَ الله تارڙ، ڪشمير معاملن ۽ گلگت بلتستان واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين، انسپيڪٽر جنرل پوليس ۽ لاڳاپيل سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم سمورن لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي ادارن کي هدايت ڪئي ته موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي جامع ۽ موثر حفاظتي قدم فوري طور تي يقيني بڻايا وڃن، هن چيو ته سمورا ادارا مضبوط گڏيل رابطي ۽ مڪمل هم آهنگي سان پنهنجون ذميواريون ادا ڪن، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سمورا سيڪيورٽي ادارا موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي الرٽ آهن ۽ ملڪي سلامتي جي تحفظ لاءِ سمورا ضروري قدم استعمال ۾ آندا پيا وڃن. وزيراعظم ايران جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پرڏيهي وزارت کي ايران ۾ موجوده پاڪستانين کي حفاظت سان وطن واپس آڻڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته پاڪستانين کي آذربائيجان ذريعي حفاظت سان پاڪستان آندو وڃي، ان لاءِ پرڏيهي وزارت آذربائيجان جي حڪومت سان فوري رابطو ڪري. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ هٿياربند فوج ملڪ جي سلامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي تحفظ لاءِ هر وقت تيار آهي، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾، پاڪ فوج قومي جذبي سان بهترين انداز ۾ پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهي آهي. هن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پوري قوم انهن کي سلام پيش ڪري ٿي.











