اسلام آباد- 28 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غير معمولي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ مديني منوره ۾ رسول الله ﷺ جي روضي مُبارڪ تي حاضري ڀري ۽ خاص دعائُون گهريُون. ڇنڇر تي پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، او آءِ سي جو اجلاس جده ۾ منعقد ٿيو. مديني منوره …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي مديني منوره ۾ رسول الله ﷺ جي روضي مُبارڪ تي حاضري

مزید خبریں
اسلام آباد- 28 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غير معمولي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ مديني منوره ۾ رسول الله ﷺ جي روضي مُبارڪ تي حاضري ڀري ۽ خاص دعائُون گهريُون. ڇنڇر تي پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، او آءِ سي جو اجلاس جده ۾ منعقد ٿيو. مديني منوره ۾ پنهنجي رهائش دوران، نائب وزيراعظم پاڪستان جي امن، سلامتي ۽ خوشحالي سان گڏوگڏ مسلمان امت جي اتحاد، استحڪام ۽ ڀلائي لاءِ دعا ڪئي.











