پاڪستان جي قربانين جو بدلو دشمن جي سهولتڪاري جي صورت ۾ ملڻ ڪنهن به صورت قبول ناهي: بچاءَ وارو وفاقي وزير

اسلام آباد -28 فيبروري (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي، ته پاڪستان جي قربانين جو بدلو دشمن جي سهولتڪاري جي صورت ۾ ملڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، بچاءَ اوري وزير افغان قيادت کي اهو وقت ياد ڏياريو آهي، جڏهن پاڪستان نه رڳو سندن جنگن جو بار کنيو پر ڏهاڪن تائين سندن ميزباني به ڪئي. ايڪس تي جاري پنهنجي پيغام ۾  هن حقاني …

اسلام آباد -28 فيبروري (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي، ته پاڪستان جي قربانين جو بدلو دشمن جي سهولتڪاري جي صورت ۾ ملڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، بچاءَ اوري وزير افغان قيادت کي اهو وقت ياد ڏياريو آهي، جڏهن پاڪستان نه رڳو سندن جنگن جو بار کنيو پر ڏهاڪن تائين سندن ميزباني به ڪئي. ايڪس تي جاري پنهنجي پيغام ۾  هن حقاني صاحب کي مخاطب ٿيندي چيو ته ماضي جي جنگين ۾ سوويت يونين خلاف پاڪستان دل ۽ جان سان توهان سان گڏ بيٺل هو.  توهان اسان جا مهمان رهيا، اسان توهان جي خاندانن جي ڏهاڪن تائين مهمان نوازي ڪئي. تڏهن جي لکين مهمانن مان هن وقت به لکين  پاڪستان جي ڌرتي  تي پناهه گير بڻيل آهن ۽ اسان جي پاڪ مٽي مان روزي ڪمائي رهيا آهن، اوهان به خاندان سميت اسان جا مهمان رهيا آهيو، سوويت يونين خلاف اسان گڏجي جنگ وڙهي، اوهان جو ۽ اسان جو هڪ ئي هدف هو. هن چيو ته هاڻي اچو نائين اليون کان پوءِ جي حالتن تي، اسان تي آمريڪا جو مستقل الزام رهيو ته اسان ”حقاني نيٽ ورڪ“ جا سهولتڪار آهيون ۽ انهن جي مدد ڪندا آهيون. اسان کان جڏهن ته توهان بابت پڇيو ويو، ڪجهه ياد آهي اوهان کي؟ اسان تي اوهان جي سهولتڪاري جو اهو الزام سچو هو يا ڪوڙو، اهو هاڻي توهان ئي دنيا کي ٻڌايو. هن چيو ته 1979ع کان نائين اليون تائين به اسان توهان جون پاڻ ۾ ويڙهيون ختم ڪرائيندا رهياسين، اسان سڀني کي مڪي شريف وٺي وڃي صلح ڪرائيندا رهياسين حالانڪه  توهان سڀ هڪ ٻئي جي رت جا پياسا هئا. اسان توهان جي بزرگن کان وٺي ٽن نسلن تائين جي مهمان نوازي ڪئي آهي، پر ان جو بدلو ڇا مليو؟ اوهان اسان جي قاتلن کي ڏناهه ڏئي رهيا آهيو ۽ معصوم ٻارن جي رت سان راند کيڏندڙن کي سيني سان لڳائي رهيا آهيو. اوهان اسان جي گهٽين، پاڙن کي رت سان رنگن ڪندڙن جا حمايت بڻجي چڪا آهيو، مان جڏهن ڪابل ويس، توهان سان ملاقات ٿي هئي، تڏهن ئي درخواست ڪئي ته اسان جي دشمنن جا ساٿاري نه بڻيو ۽ سندن مدد نه ڪيو، اوهان رقم گهري، اسان اها به ڏيڻ لاءِ تيار  هئاسين پر ان جي ڪا ضمانت نه هئي. هن چيو ته جنهن نسبت سان توهان کي ”حقاني“ سڏيو ويندو آهي اهو تمام عظيم بزرگ هو. گهٽ م گهٽ ان نالي جي ئي لڄ رکو، اسان توهان کان ڪجه به نٿا گهرون، توهان پنهنجي راضي رهو، اسان پنهنجي گهر راضي رهون، اسان جي دشمنن کي بيشڪ پنهنجي گهرن ۾ رهائيو، پر انهن سان گڏجي اسان خلاف دشمن جو ڪردار ادا نه ڪيو، پنهنجي ڌرتي اسان خلاف استعامل ٿيڻ نه ڏيو، اسان جي روايت، ثقافت ۽ دين اسان کي اهو ئي سيکاري ٿو ته جنهن گهر ۾ پناهه ورتي هجي، ان جو خير گهريو ويندو آهي. الله اڪبر، پاڪستان زنده باد.

مزید خبریں