اسلام آباد -27 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ افغان طالبان رجيم کي ”غيرقانوني حڪومت“ قرار ڏيندي چيو آهي ته افغان طالبان رجيم سرحد پار دهشتگردي جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي، افغان طالبان حڪومت غلامي کي رسمي حيثيت ڏيڻ ۽ عورتن ۽ اقليتن جي حقن کي منظم طور تي ختم ڪرڻ ۾ ملوث آهي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله …
افغان طالبان رجيم ”غيرقانوني حڪومت“ آهي: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد -27 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ افغان طالبان رجيم کي ”غيرقانوني حڪومت“ قرار ڏيندي چيو آهي ته افغان طالبان رجيم سرحد پار دهشتگردي جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي، افغان طالبان حڪومت غلامي کي رسمي حيثيت ڏيڻ ۽ عورتن ۽ اقليتن جي حقن کي منظم طور تي ختم ڪرڻ ۾ ملوث آهي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ افغان طالبان ۽ پاڪستاني سرزمين تي حملا ڪندڙ دهشتگرد تنظيمن جي وچ ۾ ناقابل ترديد تعلق کي بي نقاب ڪيو. هن چيو ته افغان حڪومت دهشتگردن کي محفوظ ٺڪاڻا، تربيت ۽ معاونت فراهم ڪري ٿي جيڪي پاڪستان ۾ داخل ٿي معصوم شهرين ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن تي حملا ڪن ٿا. هن ان ڏس ۾ اسلام آباد ڪچهري، امام بارگاهه تي تازن حملن ۽ ليفٽيننٽ ڪرنل گل فراز احمد جي شهادت جو حوالو ڏنو. هن چيو ته افغانستان پاران تازي اشتعال انگيز حملن جو پاڪستان جي هٿياربند فوج موثر ڪارروائي سان جواب ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ حملي آورن جي ڪاررواين کي ناڪام بڻايو ويو ۽ ڪيترين ئي دشمن چوڪين تي قبضو ڪيو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير افغان طالبان جي داخلي پاليسين جي حوالي سان چيو ته طالبان رجيم مذهب کي مڪمل طور تي آمراڻي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪري رهي آهي. هن چيو ته طالبان حڪومت طاقت جي زور تي بنا ڪنهن جائز عمل جي اقتدار ۾ آئي ۽ عوام جي حمايت کانسواءِ ڪم ڪري رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته طالبان جا نوان سخت گير ڏوهاري قانون غلامي، تشدد ۽ شديد سماجي اڻبرابري کي کلي عام قانوني حيثيت ڏين ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير ان موقعي تي تفصيل سان آگاهه ڪيو ته ڪهڙي طرح افغان طالبان حڪومت معاشري کي طبقاتي بنيادن تي ورهائي کلي عام امتيازي انصاف جو نظام قائم ڪيو آهي. انهن نئين قانونن تحت مذهبي عالمن ۽ اشرافيه کي ڏوهن تي رڳو تنبيهه ڏني وڃي ٿي جڏهن ته وچولي طبقي جي لاءِ قيد لاڳو ڪئي وڃي ٿي ۽ هيٺئين طبقي کي ڌمڪيون ۽ جسماني تشدد برداشت ڪرڻو پوي ٿو. هن چيو ته طالبان رجيم ماڻهن کي کلي عام ”آزاد“ يا ”غلام“ جي طور تي تسليم ڪيو ۽ غلامي کي پنهنجي فوجداري نظام ۾ جائز حيثيت ڏني. اطلاعات واري وفاقي وزير انهن قدمن کي عالمي انساني حقن، اسلامي علمي اتفاق راءِ ۽ قاهره پڌرنامي جي واضح خلاف ورزي قرار ڏنو. افغان طالبان جي عورتن ۽ ٻارن سان هولناڪ سلوڪ جو ذڪر ڪندي وفاقي وزير چيو ته طالبان حڪومت دنيا ۾ سڀ کان وسيع صنفي فرق کي لاڳو ڪري رکيو آهي. 18 کان 29 سال جي عمر جون 80 سيڪڙو نوجوان افغان عورتون تعليم کان محروم آهن ڇو ته 13 سال جي عمر کانپوءِ ڇوڪرين کي اسڪول وڃڻ جي اجازت نه آهي. عورتن کي عوامي پارڪس، جِم ۽ تعميري روزگار جي سمورن موقعن بشمول فري لانسنگ، آءِ ٽي ۽ سول سروس کان به محروم رکيو ويو آهي. هن چيو ته طالبان رجيم فيصلاسازي جي سمورن عهدن تان عورتن کي مڪمل طور تي خارج ڪري ڇڏيو آهي، 3000 ماڻهن تي ٻڌل فورس مقرر ڪئي وئي آهي ته جيئن عورتن کي عوام ۾ ڳالهه ڪرڻ يا پنهنجي روزاني جي زندگي گذارڻ کان روڪي سگهجي. افغان عورتن ۽ ٻارن کي صحت جي بنيادي سهولتن ۽ ويڪسي نيشن جي حقن کان به محروم رکيو ويو آهي. وفاقي وزير 12 فيبروري 2026ع جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي رپورٽ جو حوالو ڏيندي طالبان حڪومت جي انتهائي مذمت جوڳي حڪمت عملين جي نشاندهي ڪئي جن ۾ اغوا ۽ عورتن ۽ ڇوڪرين جي حقن جون شديد خلاف ورزيون شامل آهن. هن عالمي ميڊيا رپورٽس جو پڻ حوالو ڏنو جن موجب عالمي فوجداري عدالت (آءِ سي سي) طالبان جي سپريم ليڊر هيبت الله اخوندزاده ۽ چيف جسٽس عبدالحڪيم حقاني جي خلاف صنفي بنياد تي ظلم ۽ ڏاڍ جي شبهن جا معقول سبب ڏٺا ويا جنهن جي نتيجي ۾ طالبان ليڊرز جي خلاف وارنٽ جاري ڪيا ويا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته افغان طالبان حڪومت ظلم ۽ ڏاڍ جي نظام تي ٻڌل آهي ۽ ان جي ظلمن ۽ اسلامي تعليم جي تحريف جو اسلام سان ڪو تعلق نه آهي. هن چيو ته پاڪستان مهذب دنيا کي اپيل ڪري ٿو ته اها ان غيرقانوني افعان طالبان جي موجوده حالتن، شديد انساني حقن جي خلاف ورزين، نظاماتي امتيازي سلوڪ ۽ رياستي سرپرستي ۾ دهشتگردي جي سڃاڻپ ڪري.











