راولپنڊي-27 فيبروي (اي پي پي) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز سرحد ويجهو فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج جي 22 ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو، افغان طالبان رجيم، ٽي ٽي پي سان گڏ بيهي رهي ۽ پاڪ افغان سرحد تي 53 هنڌن تي حملا ڪيا، سيڪيورٽي فورسز سمورن حملن کي ڪمزور ڪيو، فوجي ۽ سول قيادت جي هدايت تي آپريشن غضب …
سيڪيورٽي فورسز سرحد جي ڀرپاسي دهشتگردن جي 22 ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو، افغان طالبان رجيم هڪ ”ماسٽر پراڪسي“ طور تي ڪم ڪري رهي آهي، کيس هاڻ پاڪستان ۽ دهشتگرد تنظيمن مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

مزید خبریں
راولپنڊي-27 فيبروي (اي پي پي) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز سرحد ويجهو فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج جي 22 ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو، افغان طالبان رجيم، ٽي ٽي پي سان گڏ بيهي رهي ۽ پاڪ افغان سرحد تي 53 هنڌن تي حملا ڪيا، سيڪيورٽي فورسز سمورن حملن کي ڪمزور ڪيو، فوجي ۽ سول قيادت جي هدايت تي آپريشن غضب الحق آپريشن جاري آهي، اسان پنهنجي خواهشن موجب نتيجا حاصل ڪنداسين. افغان طالبان رجيم وٽ آپشن آهي ته هو پاڪستان جي چونڊ ڪن يا دهشتگردن ۽ دهشتگرديءَ سان بيهن، اسان جي چوائس اول ۽ آخر پاڪستان ۽ عوام جو تحفظ آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري ٻُڌايو ته 21 ۽ 22 فيبروري جي رات پاڪستاني فوج سرحد ويجهو علائقن ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪيو. ”آپريشن غضب الحق“ ۾ هاڻي تائين فتنه الخوارج ۽ افغان طالبان رجيم جي 274 اهلڪارن کي ماريو ويو، جڏهن ته 400 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن. هن چيو ته پاڪستاني ڪارروائي جي ردِعمل ۾ افغان طالبان رجيم سرحد جي 15 سيڪٽرز ۾ 53 ماڳن تي اشتعال انگيزي ۽ فائرنگ ڪئي، جنهن جو پاڪ فوج ڀرپور جواب ڏنو. جوابي ڪارروائيءَ ۾ دشمن جي 73 چؤڪين کي مڪمل طور تي تباهه ڪيو ويو جڏهن ته 18 اهم چؤڪيون هاڻ پاڪستان جي قبضي ۾ آهن. ان دوران دشمن جون 115 ٽينڪون ۽ بڪتربند گاڏيون به تباهه ڪيون ويون. ليفٽيننٽ جنرل چيو ته پاڪ فضائيه ۽ زميني جٿن ڪابل، پڪتيا، خوست ۽ قنڌار ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن ۽ انفينٽري برگيڊ هيڊ ڪوارٽرز کي انتهائي درستگيءَ سان نشانو بڻايو، افغان طالبان رجيم اهو ڊرامو ڪري رهي آهي ته شهري آباديءَ کي نقصان پهچايو ويو ائين ڪجهه به ناهي. پاڪ فوج هڪ پيشيوراڻي فوج آهي. هن واضح ڪيو ته ڪابل جي فضا ۾ ٿيل ”فائر ورڪس“ کي پوري دنيا ڏٺو. آپريشن دوران ايبٽ آباد ۽ نوشهره ۾ دشمن طرفان ڪيل ڊرون حملن کي به ناڪام بڻايو ويو. ڊي جي آءِ ايس پي آر چِٽن لفظن ۾ چيو ته افغان طالبان رجيم هڪ ”ماسٽر پراڪسي“ طور ڪم ڪري رهي آهي ۽ دهشتگردن کي محفوظ پناهگاهون فراهم ڪري رهي آهي. هن خبردار ڪيو ته افغان حڪومت کي هاڻ پاڪستان ۽ دهشتگرد تنظيمن (ٽي ٽي پي، بي ايل اي، داعش) مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي. پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ جي هر واقعي ۾ ڀارتي اسپانسرشپ موجود آهي ۽ هاڻ دهشتگردن سان گڏوگڏ انهن جي سهولتڪارن کي به نه ڇڏيو ويندو. ترجمان ٻُڌايو ته ويڙهه ۾ پاڪ فوج جي 12 جوانن شهادت ماڻي جڏهن ته 27 زخمي ٿيا. هن چيو ته جهڙيءَ طرح پوري قوم ”بنيان المرصوص“ سان بيٺل آهي، پاڪ فوج سرحدن جي حفاظت ڪرڻ ڀرپور طريقي سان ڄاڻي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي شوق آهي ته اهو پورو ڪري وٺي، پهرين ڀارت جيڪو شوق ڪيو هو هاڻ افغانستان کي به مُنهن ٽوڙ جواب ملندو. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته افغانستان ۾ موجود دهشتگرد نه صرف پاڪستان پر پوري دنيا لاءِ خطرو آهن ۽ هاڻ دهشتگردن يا انهن جي سرپرستن لاءِ ڪا جڳهه محفوظ نه رهندي. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته افغان طالبان رجيم ۽ دهشتگردن ۾ ڪو فرق ناهي، دنيا سمجهي ٿي ته پاڪستان جو آپريشن غضب الحق عوام جي تحفظ لاءِ آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي هدايت آپريشن غضب الحق جاري آهي، آپريشن غضب الحق پنهنجي مقصدن جي پڄاڻيءَ تائين جاري رهندو. پريس ڪانفرنس دوران آپريشن ۽ ٺڪاڻن جي تباهيءَ جا مختلف وڊويز به ڏيکاريا ويا.











