نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان صوماليه جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد عمر جي ملاقات

جده -27 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جده ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي صوماليه جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد عمر سان ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير وفاقي جمهوريه صوماليه جي خودمختياري، استحڪام ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ اسرائيل پاران …

جده -27 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جده ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي صوماليه جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد عمر سان ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير وفاقي جمهوريه صوماليه جي خودمختياري، استحڪام ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ اسرائيل پاران غيرقانوني طور تي صومالي لينڊ کي هڪ جدا رياست تسليم ڪرڻ جي مذمت ڪئي. ٻنهي وزيرن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ صوماليه جا لاڳاپا پراڻي تاريخي ۽ مذهبي رشتن تي ٻڌل آهن. هنن واپار، ٽيڪنالاجي ۽ عوامي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي قدمن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

مزید خبریں