جده -27 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جده ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس جي موقعي تي فلسطين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر وارسن آغا بيڪيان شاهين سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم فلسطيني عوام سان پاڪستان جي اڻٿڪ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو ۽ غزه جي پٽيءَ ۾ اسرائيلي فوجي حملن ۽ والاريل اولهندي ڪناري …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان فلسطين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر وارسن آغا بيڪيان شاهين جي ملاقات

مزید خبریں
جده -27 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جده ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس جي موقعي تي فلسطين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر وارسن آغا بيڪيان شاهين سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم فلسطيني عوام سان پاڪستان جي اڻٿڪ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو ۽ غزه جي پٽيءَ ۾ اسرائيلي فوجي حملن ۽ والاريل اولهندي ڪناري ۾ غيرقانوني قدمن جي شديد مذمت ڪئي. ٻنهي اڳواڻن غزه جي انساني صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ بنا رڪاوٽ انساني امداد جي فراهمي ۽ فوري نئين سر تعمير جي ضرورت تي زور ڏنو.











