جده -27 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بنگلاديش جي پرڏيهي وزير خليل الرحمان سان اسلامي تعاون تنظيم جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمولي وزارتي اجلاس جي موقعي تي جده ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پنهنجي هم منصب کي بنگلاديش ۾ اقتدار جي تاريخي ۽ پرامن منتقلي ۽ عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن واپار، ثقافت، ٽيڪنالاجي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان بنگلاديش جي پرڏيهي وزير خليل الرحمان جي ملاقات

مزید خبریں
جده -27 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بنگلاديش جي پرڏيهي وزير خليل الرحمان سان اسلامي تعاون تنظيم جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمولي وزارتي اجلاس جي موقعي تي جده ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پنهنجي هم منصب کي بنگلاديش ۾ اقتدار جي تاريخي ۽ پرامن منتقلي ۽ عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن واپار، ثقافت، ٽيڪنالاجي ۽ عوامي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ تي تفصيلي ۽ نتيجاخيز خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ گڏيل خوشحالي جي فروغ جي لاءِ ويجهو تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.











