لاهور-27 فيبروي (اي پي پي) پاڪستان علماء ڪائونسل جي چيئرمين ۽ نيشنل پيغام امن ڪميٽي جي ڪوآرڊينيٽر حافظ طاهر محمود اشرفي چيو آهي ته افغانستان جو باجوڙ ۾ مسجد ۽ نمازين تي حملو اسلام ۽ انسانيت ٻنهي خلاف سنگين ڏوهه آهي، اها دهشتگردي آهي جهاد ناهي پر کُليل فساد آهي، افغانستان نه شريعت جو احترام ڪري ٿو ۽ نه ئي اسلامي ڀائر ملڪن جي ڳالهه مڃي ٿو، اهڙيون ڌريون مجاهد …
افغانستان جو باجوڙ ۾ مسجد ۽ نمازين تي حملو اسلام ۽ انسانيت ٻنهي خلاف سنگين ڏوهه آهي: حافظ طاهر محمود اشرفي

مزید خبریں
لاهور-27 فيبروي (اي پي پي) پاڪستان علماء ڪائونسل جي چيئرمين ۽ نيشنل پيغام امن ڪميٽي جي ڪوآرڊينيٽر حافظ طاهر محمود اشرفي چيو آهي ته افغانستان جو باجوڙ ۾ مسجد ۽ نمازين تي حملو اسلام ۽ انسانيت ٻنهي خلاف سنگين ڏوهه آهي، اها دهشتگردي آهي جهاد ناهي پر کُليل فساد آهي، افغانستان نه شريعت جو احترام ڪري ٿو ۽ نه ئي اسلامي ڀائر ملڪن جي ڳالهه مڃي ٿو، اهڙيون ڌريون مجاهد نه پر قاتل آهن، پاڪستان جي سلامتي جي معاملي تي پوري قوم پاڪستاني فوج سان گڏ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه جمعي جي خطبي ۾ دهشتگرديءَ جي موضوع تي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته باجوڙ ۾ مسجد ۽ نمازين تي حملو کُليل دهشتگردي آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. هن چيو ته دهشتگرديءَ کي جهاد قرار ڏيڻ اسلام جي تعليمات جي ابتڙ آهي ۽ اهو سراسر فساد آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جو بنياد ڪلمه طيب تي قائم ٿيو ۽ ان جي سلامتي هر پاڪستاني جي ذميداري آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج جي صلاحيتن جو دنيا اعتراف ڪري ٿي ۽ پوري قوم پنهنجي فوج سان گڏ بيٺل آهي. حافظ طاهر محمود اشرفي چيو ته شهيد قوم جو فخر آهن ۽ وطن جي دفاع لاءِ پاڪستاني عوام قربانيءَ جي جذبي سان سرشار آهي. هن چيو ته جن جا عزيز فوج ۾ آهن اهي پگهارون نه پر شهادت جي جذبن سان خدمتون انجام ڏين ٿا، شهيدن جون مائرون سندن ورديءَ کي چُمن ٿيون ۽ والدين فخر ڪن ٿا. هن چيو ته سياسي قيادت قومي سلامتي جي معاملي تي متحد آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ پويان ڀارت ملوث آهي ۽ دشمن ملڪن کي ياد رکڻ گهرجي ته پاڪستاني قوم متحد آهي ۽ـ پنهنجي سلامتي تي ڪو سمجهوتو نه ڪندي. هن چيو ته پاڪستان جنگ نٿو چاهي پر جيڪڏهن جنگ مڙهي وئي ته ڀرپور جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته افغانستان کي ياد رکڻ گهرجي ته پاڪستان ويجهي ماضيءَ ۾ ان کان ڪيترائي ڀيرا وڏي دشمن کي شڪست ڏئي چڪو آهي، جيڪڏهن ڪنهن پاڪستان کي بُري نظر سان ڏٺو ته ان جو جواب ڪابل ۽ دهلي ٻنهي کي ڏنو ويندو ۽ جيڪڏهن ڪنهن ٽين ڌُر کي به آزمائش جو شوق آهي ته پاڪستان تيار آهي. هن چيو ته تازين ڪاررواين ۾ پاڪ فوج افغانستان جي چؤڪين تي قبضو ڪيو ۽ افغان جهنڊي کي احترام سان لاٿو. ان موقعي تي ملڪ ۽ پاڪ فوج جي حفاظت لاءِ خاص دُعا به گُهري وئي.











