وزيراعظم شهباز شريف سان چين جي سفير جيانگ زيڊونگ جي ملاقات، زراعت، آءِ ٽي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور

اسلام آباد  -27 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين پاڪستان اقتصادي لنگهه تحت جاري منصوبن جي رفتار تيز ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي زراعت، آءِ ٽي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زيڊونگ وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. …

اسلام آباد  -27 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين پاڪستان اقتصادي لنگهه تحت جاري منصوبن جي رفتار تيز ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي زراعت، آءِ ٽي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زيڊونگ وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ پائيدار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري جو ورجاءُ ڪيو جنهن جي خصوصيت گهرو گڏيل اعتماد، فولاد وانگر مضبوط دوستي ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل تعاون جو گڏيل عزم آهي. وزيراعظم چين جي صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي ڪيانگ، چيني قيادت ۽ عوام کي نئين چيني سال جي خوشي جي موقعي تي پنهنجي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. هن اقتصادي، سلامتي ۽ ترقياتي محاذن تي پاڪستان جي لاءِ چين جي مسلسل ۽ ثابت قدم حمايت کي ساراهيو. وزيراعظم خاص طور تي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جيڪو بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جو هڪ اهم منصوبو آهي، جو ذڪر ڪيو. چين پاڪستان اقتصادي لنگهه تحت جاري منصوبن تي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي وزيراعظم زراعت، آءِ ٽي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن پاڪستان ۾ چيني اهلڪارن، سيڙپڪاري ۽ ادارن جي لاءِ محفوظ ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم تي پڻ زور ڏنو. چيني سفير جيانگ زيڊونگ وزيراعظم کي چين پاڪستان لاڳاپن ۾ تازي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ۽ چيني قيادت جو نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. هن پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ چين جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي طرفن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ خطي ۽ ان کان ٻاهر امن، استحڪام ۽ خوشحالي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ ويجهي رابطي ۽ مشاورت کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں