پاڪستان هڪ ذميدار ملڪ آهي جيڪو عزت سان گڏ امن جو خواهشمند آهي: پاڪ فضائيه جو سربراهه

اسلام آباد-27 فيبروي (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ايئر هيڊ ڪوارٽرز ۾ آپريشن سوئفٽ ريٽورٽ جي ستين سالگره جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان هڪ ذميدار ملڪ آهي جيڪو عزت سان گڏ امن جو خواهشمند آهي. پاڪ فضائيه جي سربراهه وڌيڪ چيو ته 7 سال اڳ دشمن پاڪستان جي خودمختياري کي چئلينج ڪيو ۽ هميشه وانگر ڪوڙي بيانيي تي …

اسلام آباد-27 فيبروي (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ايئر هيڊ ڪوارٽرز ۾ آپريشن سوئفٽ ريٽورٽ جي ستين سالگره جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان هڪ ذميدار ملڪ آهي جيڪو عزت سان گڏ امن جو خواهشمند آهي. پاڪ فضائيه جي سربراهه وڌيڪ چيو ته 7 سال اڳ دشمن پاڪستان جي خودمختياري کي چئلينج ڪيو ۽ هميشه وانگر ڪوڙي بيانيي تي ٻَڌل پنهنجي انداز ۾ اسان جي صلاحيت ۽ عزم جو غلط اندازو لڳايو. هن چيو ته دشمن اسان جي پختي عزم، قربانيءَ جي جذبي ۽ بي مثالي حوصلي کان بي خبر ٿي رات جي اونداهيءَ ۾ بزدلاڻو حملو ڪيو. ايئر چيف چيو ته ڏينهن جي روشنيءَ ۾ اثرائتي ڪارروائي ذريعي اسان عددي برتري رکندڙ دشمن خلاف پنهنجي دفاعي قوت جو مظاهرو ڪيو. پاڪ فضائيه جي سربراهه چيو ته پيچيده عالمي ۽ علائقائي ماحول ۽ جنگ جي تيزيءَ سان بدلجندڙ رجحانن جي پيش نظر، مالي ڏُکيائين باوجود پي اي ايف مارچ 2021ع کان هڪ جامع جدت طرازي ۽ مقامي سطح تي تياري جي سفر جي شروعات ڪئي ۽ ان کي ڀرپور انداز ۾ جاري رکيو ته جيئن پاڪ فضائيه کي نيڪسٽ جنريشن ايئرفورس ۾ تبديل ڪري سگهجي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پي اي ايف جديد جنگ جي گهرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ پنهنجي آپريشنل ڊاڪٽرائن کي فوري طور تي نئين سر ترتيب ڏنو ۽ گهٽ کان گهٽ وقت ۾ جديد ترين حربي ۽ معاون صلاحيتن سان گڏوگڏ خاص نوعيت جي ٽيڪنالاجيز کي شامل ۽ فعال ڪيو. ايئر چيف وڌيڪ چيو ته پي ايف ايف رڪارڊ وقت ۾ مقامي طور تي تيل ڪيل بنا پائليٽ فضائي نظام، اليڪٽرانڪ وار فيئر، خلائي ۽ سائبر وسيلن جي استعمال سان هڪ منفرد مقامي ڪل چين تيار ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ مربوط گهڻي رُخي آپريشنل صلاحيتون مضبوط ٿيون. حق جي ويڙهه دوران پاڪ فضائيه جي جامع ۽ متوازن ردِعمل کي اجاگر ڪندي ايئرچيف چيو، جڏهن مئي 2025ع جي شروعاتي لمحن ۾ دشمن هڪ ڀيرو ٻيهر اسان جي خودمختياري کي چئلينج ڪيو ته اسان جو جواب دشمن جي اميدن کان ڪيترائي ڀيرا حيران ڪندڙ هئي. هن چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پي اي ايف مڪمل دائره ڪار تي ٻَڌل گهڻي رُخ آپريشنز انجام ڏنا جيڪي نهايت منظم ۽ نقص کان پاڪ طريقي سان مڪمل ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ دسمن کي فيصلائتي شڪست ٿي ۽ ان جا ڪيترائي جديد ترين پليٽ فارمز، جن ۾ ڪيترائي رافيل جهاز، ايس يو 30 ايم ڪي آءِ، ميراج 2000، مگ-29 ۽ بنا پائليٽ فضائي نظام شامل هئا ڪيرايا ويا. ايئر چيف ٻُڌايو ته پاڪ فضائيه دشمن جي علائقي اندر گهرائيءَ تائين وڃي بيسز ۽ زميني اثاثن کي پڻ نشانو بڻايو جڏهن ته جديد ترين ايس-400 فضائي دفاعي نظام ۽ ان جي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر کي پڻ ناڪارا بڻايو. آخر ۾ سرپراهه پاڪ فضائيه ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ايئرفورس پنهنجي بهادر ۽ ثابت قدميءَ سان عوام جي اميدن تي پورو لهندي ۽ هميشه ان عظيم قوم لاءِ فخر جي علامت بڻجندي. پاڪ فضائيه قوم سان گڏجي آپريشن سوئفٽ ريٽورٽ جي ستين سالگره ملهائي جيڪا جديد فضائي جنگ ۾ عزم، پيشيوراڻي مهارت ۽ متوازن ردِعمل جو هڪ نمايان مثال آهي. هي ڏينهن پي اي ايف جي دلير فضائي جانباز پاڪستان جي خودمختياري جي تحفظ ۽ وطن جي دفاع جي مضبوط ۽ اعتماد جوڳي فضائي دفاع کي يقيني بنائڻ جي پنهنجي اڻٽٽ عزم جي تجديد ڪري ٿو. آپريشن سوئفٽ ريٽورٽ قومي اتحاد، پيشيوراڻي برتري ۽ اعتماد جوڳي دفاعي صلاحيت جي علامت آهي. پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ ثابت قدم قوم جي وچ ۾ هم آهنگي، ملڪ جي امن، استحڪام ۽ محتاط  پر ذميداراڻي دفاعي مؤقف جي ضمانت آهي.

مزید خبریں