اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي)ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) گهٽ لاڳت واري رهائشي مارگيج فنانسنگ اسڪيم منهنجو گهر منهنجو آشيانو جي نظرثاني ٿيل فيچرز تي ٻڌل سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت طرفان گهٽ لاڳت واري رهائشي مارگيج فنانسنگ اسڪيم منهنجو گهر منهنجو …
اي سي سي منهنجو گهر منهنجو آشيانو اسڪيم جي نظرثاني سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي

مزید خبریں
اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي)ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) گهٽ لاڳت واري رهائشي مارگيج فنانسنگ اسڪيم منهنجو گهر منهنجو آشيانو جي نظرثاني ٿيل فيچرز تي ٻڌل سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وزارت طرفان گهٽ لاڳت واري رهائشي مارگيج فنانسنگ اسڪيم منهنجو گهر منهنجو آشيانو (ايم جي ايم اي) جي نظرثاني ٿيل فيچرز تي ٻڌل سمري پيش ڪئي وئي. ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ويو ته اسڪيم جي شروعات کان هاڻي تائين ان کي عوامي سطح تي ڀرپور پذيرائي حاصل ٿي آهي ۽ قرضن لاءِ 10594 کان وڌيڪ درخواستون ملي چڪيون آهن جڏهن ته رقم جي ادائيگي جو عمل جاري آهي. اي سي سي اسڪيم جي نظرثاني ٿيل خاصيتن جي منظوري ڏئي ڇڏي جن ۾ قرضن جي حد کي وڌائي 10 ملين روپين تائين ڪرڻ، اهل رهائشي يونٽس جي سائيز جي معيار ۾ توسيع، صارفين لاءِ هڪجهڙي 5 سيڪڙو شرح لاڳو، 4 سالن جي مدي دوران هائوسنگ فنانسنگ جي هدفن ۾ مرحليوار اضافو، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي طريقيڪار تحت عملدرآمد جو تسلسل ۽ پهرين کان جاري ٿيل قرضن کي به نظرثاني ٿيل 5 سيڪڙو تي آڻڻ شامل آهي ته جيئن هڪجهڙائي کي يقيني بڻائي سگهجي. ڪميٽي زور ڀريو ته سبسڊي جون ادائيگيون حقيقي جاري ٿيل قرضن موجب هونديون، نظرثاني ٿيل فريم ورڪ جو مقصد گهٽ لاڳت جي رهائشي قرضن تائين رسائي کي سگهه ڏيڻ، تعميراتي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ متوازن رسڪ شيئرنگ ۽ مارڪ اپ سبسڊي ماڊل ذريعي پائيدار گهرن جي ملڪيت کي هٿي ڏيڻ آهي. گهرو معاملن ۽ منشيات جي روڪٿام واري وزارت جي سمري تي اي سي سي نيشنل پروگرام فار انهانسنگ ڪمانڊ ايرياز ان باراني ايرياز آف پاڪستان جي آءِ سي ٽي لاءِ 7.289 ملين روپين جي فني ضمني گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن جو مقصد باراني علائقن ۾ زرعي پيداوار ۾ اضافو آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي ريلوي ڊويزن طرفان پيش ڪيل سمري جي منظوري به ڏني جنهن تحت ٿرڪول ريل ڪنيڪٽويٽي منصوبي لاءِ 6.61 ارب روپيا فني ضمني گرانٽ ذريعي بجيٽ ڪوريج فراهم ڪئي ويندي، ان منصوبي جو مقصد مقامي ڪوئلي جي پاور پلانٽس ۽ صنعتي شعبن تائين پهچ جي حوالي سان سهولتون فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن توانائي جي تحفظ کي سگهه ملي ۽ امپورٽ جي ٻارن تي ڀاڙڻ گهٽائي سگهجي. اجلاس ۾ سيڙپڪاري واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ورچوئل شرڪت ڪئي جڏهن ته لاڳاپيل وزارتن، ڊويزنن ۽ ريگيوليٽري ادارن جا وفاقي سيڪريٽريز ۽ سينيئر عملدار به اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.











