اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري پاران افغان طالبان جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

راولپنڊي  -27 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري افغان طالبان جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته افغان طالبان پاران حملو ڪرڻ هڪ ڀيانڪ غلطي آهي، افغان طالبان کي ان جارحيت جا سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا. هن  شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته …

راولپنڊي  -27 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري افغان طالبان جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته افغان طالبان پاران حملو ڪرڻ هڪ ڀيانڪ غلطي آهي، افغان طالبان کي ان جارحيت جا سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا. هن  شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته بزدل دشمن رات جي اونداهي ۾ وار ڪري معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪئي جيڪا کليل جارحيت ۽ عالمي قانونن جي واضح خلاف ورزي آهي. هن چيو ته اهڙا قدم خطي جي امن ۽ استحڪام جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهن ٿا ۽ پاڪستان پنهنجي خودمختياري تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪندو. هن چيو ته ڀارت جي سرپرستي ۾ سرگرم عنصر خطي جو امن سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جڏهن ته پاڪ فوج دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ هر وقت تيار آهي. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته پاڪ فوج وقت سر ۽ موثر ڪارروائي ڪندي دشمن کي واضح پيغام ڏئي ڇڏيو آهي ته پاڪستان جي سرزمين جي خلاف ڪنهن به جارحيت کي هرگز برداشت نه ڪنداسين. هن چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار رياست جي طور تي خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته پوري قوم پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي ۽ ملڪي دفاع، خودمختياري ۽ سالميت تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو. هن واضح ڪيو ته دشمن کي هر محاذ تي ناڪامي کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ پاڪستان پنهنجي قومي مفادن جي تحفظ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو رهندو.

مزید خبریں