اسلام آباد -27 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ترڪ پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ تازي علائقائي اڳڀرائي خاص طور تي پاڪستان ۽ افغانستان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان اشتعال انگيز افغان جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو، پاڪستان جي هٿياربند فوج پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ترڪ پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه

مزید خبریں
اسلام آباد -27 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ترڪ پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ تازي علائقائي اڳڀرائي خاص طور تي پاڪستان ۽ افغانستان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان اشتعال انگيز افغان جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو، پاڪستان جي هٿياربند فوج پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي لاءِ آپريشن ”غضب الحق“ تحت ڪامياب فضائي ڪارروايون ڪيون. ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي اهميت تي زور ڏنو ۽ بدلجندڙ صورتحال تي ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.











