اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي) وفاقي حڪومت گوادر لاءِ هڪ جامع بيٽري بيڪڊ پاور سسٽم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تحت فيبروري يا مارچ 2027ع تائين گوادر شهر کي 100 سيڪڙو اعتماد جوڳي ۽ بنا رنڊڪ بجلي فراهم ڪئي ويندي. سينيٽ کي ٻڌايو ويو ته هي منصوبو گوادر جي اهم ٺڪاڻن کي مستقل بجلي جي فراهمي يقيني بڻائيندو. سينيٽر جان محمد جي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير سردار …
وفاقي حڪومت گوادر لاءِ هڪ جامع بيٽري بيڪڊ پاور سسٽم جي منظوري ڏئي ڇڏي

مزید خبریں
اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي) وفاقي حڪومت گوادر لاءِ هڪ جامع بيٽري بيڪڊ پاور سسٽم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تحت فيبروري يا مارچ 2027ع تائين گوادر شهر کي 100 سيڪڙو اعتماد جوڳي ۽ بنا رنڊڪ بجلي فراهم ڪئي ويندي. سينيٽ کي ٻڌايو ويو ته هي منصوبو گوادر جي اهم ٺڪاڻن کي مستقل بجلي جي فراهمي يقيني بڻائيندو. سينيٽر جان محمد جي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري ايوان کي ٻڌايو ته وزيراعظم جي هدايت تي گوادر جي ايندڙ چار کان پنج سالن جي امڪاني ضرورتن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ان منصوبي جي منظوري ڏني وئي. هن وقت علائقي ۾ بجلي جي گهربل 40 کان 50 ميگاواٽ آهي، توانائي واري وزير موجب نئين نظام ۾ بهتري انرجي اسٽوريج سسٽمز (BESS) کي گهٽ لاڳت بيڪ اپ جنريشن سان ڳنڍيو ويندو ته جيئن ٻاهرين ذريعن مان فراهمي ۾ رنڊڪ جي صورت ۾ به بجلي جو تسلسل برقرار رهي. هي فريم ورڪ قومي گرڊ تي اضافي بار وجهڻ کانسواءِ ڪم ڪندو. هن ٻڌايو ته گوادر کي هن وقت ٻن بنيادي ذريعن مان بجلي ملي رهي آهي، هڪ ايران کان گهرايل ۽ ٻي پاڪستان جي قومي گرڊ مان فراهمي. ايران سان موجوده معاهدي تحت پاڪستان مخصوص مقدار ۾ بجلي خريد ڪرڻ جو پابند آهي، ٻي صورت ۾ مالي ذميواريون لاڳو ٿي سگهن ٿيون، ايران کان بجلي ٻن ٽرانسميشن پوائنٽس ذريعي ڏکڻ گوادر ۽ اتر مڪران کي فراهم ڪئي ويندي آهي، ايراني سپلائي ۾ فني ۽ موسمي سببن جي بنياد تي رنڊڪ ۽ وولٽيج ۾ لاها چاڙها ڏٺو ويو آهي، جنهن سان مڪران ڊويزن ۾ گرڊ جو استحڪام متاثر ٿيندو رهيو، جيتوڻيڪ گوادر ۽ مڪران قومي گرڊ سان به ڳنڍيل آهن، پر 600 ڪلوميٽرن کان وڌيڪ فاصلي سبب خاص ڪري پيڪ وقت ۾ وولٽيج ڊراپ جو مسئلو سامهون ايندو آهي، توانائي واري وزير وضاحت ڪئي ته ايران ۽ قومي گرڊ جي بجلي کي هڪ ئي وقت نٿو هلائي سگهجي ڇاڪاڻ ته ٽيڪنيڪي هم آهنگي ۽ فريڪوئنسي جا مسئلا هوندا آهن. هن چيو ته ماضي ۾ ٽرانسميشن نظام جي اپ گريڊيشن جون تجويزون غور هيٺ آيون، پر گهٽ گهرج ۽ ڊگهي مدي واري ريڪوري سبب انهن کي معاشي طور تي عمل جوڳو نه سمجهيو ويو. وفاقي وزير ٻڌايو ته نئون بيٽري نظام اڳوڻين تجويزن، سميت چين پاڪستان اقتصادي راهداري تحت تجويز ڪيل 300 ميگاواٽ ڪوئلي سان هلندڙ پاور پلانٽ جي جڳهه وٺندو. سندس موجب 300 ميگاواٽ منصوبو گوادر جي حقيقي ضرورت کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ هو ۽ ان سان صارفين لاءِ بجلي مهانگي ٿي وڃي ها. وفاقي وزير اعتماد جو اظهار ڪيو ته گوادر جو نئون بيٽري بيڪڊ پاور فريم ورڪ گوادر ۾ پائيدار ترقي ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو. هي نظام 2027ع جي شروعات تائين فعال ٿيڻ جي اميد آهي.











