لاڙڪاڻو بورڊ پاران نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي سالياني امتحان جو شيڊول تبديل، امتحان هاڻي 7 اپريل کان شروع ٿيندا

لاڙڪاڻو - 27 فيبروري(اي پي پي) لاڙڪاڻي جي ثانوي ۽ اعلي' ثانوي تعليمي بورڊ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي سالياني امتحان جو شيڊول تبديل ڪري ڇڏيو آهي، 31 مارچ 2026ع کان شروع ٿيندڙ امتحان هاڻي 7 اپريل کان شروع ٿيندا. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب نئون امتحاني شيڊول پڻ پڌرو ڪيو ويو آهي. امتحانن جي ٽائيم ٽيبل به جاري ڪئي وئي آهي، جنهن تحت صبح جو نائين ڪلاس ۽ شام جي شفٽ ۾ ڏهين …

لاڙڪاڻو – 27 فيبروري(اي پي پي) لاڙڪاڻي جي ثانوي ۽ اعلي’ ثانوي تعليمي بورڊ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي سالياني امتحان جو شيڊول تبديل ڪري ڇڏيو آهي، 31 مارچ 2026ع کان شروع ٿيندڙ امتحان هاڻي 7 اپريل کان شروع ٿيندا. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب نئون امتحاني شيڊول پڻ پڌرو ڪيو ويو آهي. امتحانن جي ٽائيم ٽيبل به جاري ڪئي وئي آهي، جنهن تحت صبح جو نائين ڪلاس ۽ شام جي شفٽ ۾ ڏهين ڪلاس جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کان پيپر ورتا ويندا. اميدوارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي امتحاني سينٽرن ۾ مقرر ٽائيم کان اڌ ڪلاڪ اڳ پهچن، پاڻ سان اصلي امتحاني سلپون ساڻ آڻين، سلپن کانسواءِ کين امتحان ۾ ويهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. سينٽرن ۾ موبائل فون استعمال ڪرڻ تي پڻ پابندي هوندي.