اسلام آباد - 27 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ جي ستين سالگرهه تي پوري قوم پنهنجي هٿياربند فوج جي جرئت، پيشيواراڻي مهارت ۽ قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته 27 فيبروري 2019ع تي ٿيندڙ اشتعال انگيز جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏئي پاڪستان ثابت ڪيو ته …
آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ جي ستين سالگرهه تي پوري قوم هٿياربند فوج کي سلام پيش ڪري ٿي: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد – 27 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ جي ستين سالگرهه تي پوري قوم پنهنجي هٿياربند فوج جي جرئت، پيشيواراڻي مهارت ۽ قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته 27 فيبروري 2019ع تي ٿيندڙ اشتعال انگيز جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏئي پاڪستان ثابت ڪيو ته قومي خودمختياري تي ڪو به ٺاهه نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته جهڙي طرح آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ ۾ اوڀر کان ايندڙ دشمن جا ڏند کٽا ڪيا ويا، انهي عزم ۽ صلاحيت جو مظاهرو ڪالهه اولهندي سرحد تي پڻ ڪيو ويو. صدر آصف علي زرداري چيو ته اوڀر هجي يا اولهه پاڪستان جي سرحدن جي خلاف ورزي جو جواب هڪ جهڙو، فوري ۽ ڀرپور هوندو. هن چيو ته افغانستان جي غيرنمائنده حڪومت ۽ پاڪستان ۾ غيرملڪي سرپرستي ۾ سرگرم شرپسند عنصرن جي سرپرستن کي اهو واضح پيغام آهي ته پاڪستان پنهنجي سلامتي ۽ وقار جي دفاع ۾ ڪنهن به مصلحت جو شڪار نه ٿيندو. صدر چيو ته اسان جي هٿياربند فوج هر وقت پوري طرح چوڪس، تيار ۽ هر خطري جو مقابلو ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي، پر امن ڪمزوري نه آهي پر طاقت جي متوازن ۽ ذميواراڻي استعمال سان قائم رهي ٿو. هن چيو ته قوم شيهي جي ديوار وانگر پنهنجي بهادر فوج سان گڏ بيٺل آهي ۽ هر قسم جي جارحيت جي خلاف متحد آهي.











