آءِ سي تي والاريل فلسطيني علائقن جي ڊي فيڪٽو الحاق جي لاءِ کنيل اسرائيلي قدم روڪرائڻ کي يقيني بڻائي: اسحاق ڊار

جده - 27 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار او آءِ سي تي زور ڏنو آهي ته اها والاريل فلسطيني علائقن جي ڊي فيڪٽو الحاق جي لاءِ کنيل اسرائيلي قدم روڪرائڻ کي يقيني بڻائي، غزه ۾ جنگبندي تي سختي سان عملدرآمد ڪرايو وڃي، آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ مقرر مدي تحت سياسي عمل شروع ڪيو وڃي ۽ ڪشميري عوام …

جده – 27 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار او آءِ سي تي زور ڏنو آهي ته اها والاريل فلسطيني علائقن جي ڊي فيڪٽو الحاق جي لاءِ کنيل اسرائيلي قدم روڪرائڻ کي يقيني بڻائي، غزه ۾ جنگبندي تي سختي سان عملدرآمد ڪرايو وڃي، آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ مقرر مدي تحت سياسي عمل شروع ڪيو وڃي ۽ ڪشميري عوام کي خودمختياري جو حق ڏيارڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪري. هن اهڙن خيالن جو اظهار اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمولي وزارتي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير والاريل اولهندي ڪناري جي علائقن کي نام نهاد رياستي ملڪيت ۾ تبديل ڪرڻ جي تازي اسرائيلي قدمن جي شديد مذمت ڪئي. هن فلسطيني ڪاز کي اڳتي وڌائڻ ۾ پاڪستان جي ڪوششن کي اجاگر ڪيو جيڪي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، بورڊ آف پيس ۽ 8 رڪني عرب – اسلامي ملڪن جي گروپ جي ميمبر جي حيثيت سان جاري آهن. هن او آءِ سي تي زور ڏنو ته اها والاريل فلسطيني علائقن جي ڊي فيڪٽو الحق جي لاءِ کنيل سمورا اسرائيلي قدم روڪرائڻ کي يقيني بڻائي، غزه ۾ جنگبندي تي سختي سان عملدرآمد ڪرايو وڃي، غزه جي فوري نئين سر تعمير ڪئي وڃي ۽ 1967ع جي سرحدن جي بنياد تي آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ مقرر مدي تحت سياسي عمل شروع ڪيو وڃي جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير او آءِ سي کان اهو به مطالبو ڪيو ته هو ڪشميري عوام کي خودمختياري جو حق ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪري.

مزید خبریں