ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي پاران افغان رجيم طرفان معصوم شهرين تي حملي جي مذمت

اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي افغان رجيم طرفان معصوم شهرين تي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي سرزمين ۽ عوام جي دفاع تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪندو، هر شرپسند ۽ دهشتگرد عنصر کي قرار واقعي ۽ منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. پنهنجي بيان ۾ ريلوي واري وزير چيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي …

اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي افغان رجيم طرفان معصوم شهرين تي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي سرزمين ۽ عوام جي دفاع تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪندو، هر شرپسند ۽ دهشتگرد عنصر کي قرار واقعي ۽ منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. پنهنجي بيان ۾ ريلوي واري وزير چيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي تحفظ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو، اسان کي پنهنجي بهادر فوج تي بي حد فخر آهي جيڪا ملڪ جي دفاع کي پنهنجو ايمان سمجهي ٿي ۽ ڪنهن به جارحاڻن ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائڻ جي پختي صلاحيت، جرئت ۽ عزم رکي ٿي. محمد حنيف عباسي چيو ته پاڪستان جي غيور قوم ۽ بهادر هٿياربند فوج ملڪ جي دفاع لاءِ شيهي جي ديوار وانگر متحد ۽ ثابت قدم آهن. هن چيو ته اسان جي هٿياربند فوج جي جوابي صلاحيت بروقت ۽ فيصلائتي آهي، هو دشمن جي ناپاڪ ارادن کي پاڙ کان پٽي اڇلڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. هن جو چوڻ هو ته گذريل سالن کان افغان سرزمين پاڪستان دشمن عنصرن جي پناهگاهه بڻيل آهي ۽ ٽي ٽي پي جهڙا گروهه بدامني پکيڙڻ ۾ ملوث رهيا آهن، محمد حنيف عباسي چيو ته هاڻوڪي بنا جواز جارحيت جو جواب ڏيندي پاڪستان ثابت ڪيو ته قومي سلامتي تي ڪو به ٺاهه نه ٿيندو ۽ هر مهم جو اثرائتو جواب ڏنو ويندو.

مزید خبریں