اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان افغانستان طرفان بنا جواز جارحيت جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته رات جي اونداهي ۾ ڪيل اهو حملو کليل جارحيت ۽ بزدلاڻو قدم آهي، افغانستان طرفان شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ مذمت جوڳو ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان پنهنجي سلامتي ۽ خودمختياري تي ڪنهن به قسم …
واپار واري وفاقي وزير پاران افغانستان طرفان بنا جواز جارحيت جي شديد لفظن ۾ مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان افغانستان طرفان بنا جواز جارحيت جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته رات جي اونداهي ۾ ڪيل اهو حملو کليل جارحيت ۽ بزدلاڻو قدم آهي، افغانستان طرفان شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ مذمت جوڳو ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان پنهنجي سلامتي ۽ خودمختياري تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪندو، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت قومي دفاع لاءِ پرعزم آهي. هن جو چوڻ هو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ هٿياربند فوج دشمن کي موثر ۽ منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي، هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي مهارت ۽ وقت سر ڪارروائي فخر جوڳي آهي. هن چيو ته ملڪ جي دفاع ۽ عوام جي تحفظ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا.











