نيب 5 سالن دوران سڌي ريت ريڪوري، پلي بارگين، رضاڪاراڻي واپسي ۽ سرڪاري زمين جي بازيابي جي مد ۾ 11.56 کرب روپيا وصول ڪيا: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ کي آگاهه ڪيو ويو ته نيب 5 سالن دوران سڌي ريت ريڪوري، پلي بارگين، رضاڪاراڻي واپسي ۽ سرڪاري زمين جي بازيابي جي مد ۾ 11.56 کرب روپيا وصول ڪيا. سينيٽر طلحه محمود جي سوال جي جواب ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ايوان کي ٻڌايو ته مجموعي وصوليون 11،565،257.62 ملين روپيا رهيون جيڪي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي …

اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ کي آگاهه ڪيو ويو ته نيب 5 سالن دوران سڌي ريت ريڪوري، پلي بارگين، رضاڪاراڻي واپسي ۽ سرڪاري زمين جي بازيابي جي مد ۾ 11.56 کرب روپيا وصول ڪيا. سينيٽر طلحه محمود جي سوال جي جواب ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ايوان کي ٻڌايو ته مجموعي وصوليون 11،565،257.62 ملين روپيا رهيون جيڪي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي تعاون سان نيب جي جامع ڪوششن جي نتيجي ۾ ممڪن ٿيون. قانون واري وزير ٻڌايو ته مختلف صوبن خاص ڪري پنجاب ۽ سنڌ ۾ ڏهاڪن کان غير قانوني قبضي ۾ موجود وسيع سرڪاري زمين سميت ٻيلي جي ايراضي آجي ڪرائي لاڳاپيل صوبائي عملدارن حوالي ڪئي وئي. هن چيو ته آجي ڪرايل زمين ۾ توثيق لاڳاپيل صوبائي ادارن باقاعده طور ڪئي. هن ٻڌايو ته 2021ع ۾ نيب 16،953.79 ملين روپين جي سڌي ريت رڪوري ڪئي، 48.58 ملين روپيا رضاڪاراڻي واپسي ذريعي جڏهن ته 69،289.46 ملين روپيا مختلف قسمن جي مد ۾ وصول ڪيا، 2022ع ۾ سڌي ريت وصوليون 3927.19 ملين روپيا رهيون، 10 ملين روپيا رضاڪاراڻي واپسي ذريعي جڏهن ته 554.35 ملين روپيا ٻي مد ۾ وصول ڪيا ويا.2023ع کان 2025ع دوران نيب 45002.11 ملين روپيا سڌي ريت وصول ڪيا، 50.22 ملين روپيا رضاڪاراڻي واپسي، 10982000 ملين روپين جي سرڪاري زمين جي بازيابي جڏهن ته 409417.63 ملين روپيا مختلف قسمن جي مد ۾ وصول ڪيا. قانون واري وزير چيو ته نيب هڪ خودمختيار ادارو آهي جيڪو پنهنجي قانوني دائري ڪار تحت ڪم ڪندو آهي، هن ٻڌايو ته احتسابي قانونن ۾ جون 2023ع ۾ اهم ترميمون ڪيون ويون، ته جيئن شفافيت کي بهتر بڻائي سگهجي ۽ احتسابي عمل جي غلط استعمال کي روڪي سگهجي. هن چيو ته هاڻوڪي عرصي ۾ نيب جو ڌيان عوامي رقم جي وصولي ۽ قومي خزاني کي نقصان کان بچائڻ تي رهيو. هن وضاحت ڪئي ته پلي بارگين ۽ رضاڪاراڻي واپسي جا طريقيڪار مڪمل طور تي قانوني گهرجن موجب هوندا آهن ۽ انهن تحت عوامي عهدو رکڻ لاءِ مخصوص مدي تائين نااهلي سميت ٻيا نتيجا به هوندا آهن، قانون واري وزير ورجاءُ ڪيو ته حڪومت نيب جي معاملن ۾ مداخلت ناهي ڪندي ڇاڪاڻ ته ادارو نيب تحت خودمختيار حيثت سان ڪم ڪندو آهي.

مزید خبریں