چيف آف ڊفينس فورسز سيد عاصم منير جي قيادت ۾ هيٿاربند فوج هر چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهي: فيصل ممتاز راٺوڙ

مظفرآباد-27 فيبروري (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ افغانستان طرفان پاڪ - افغان سرحد تي بنا جواز جارحيت جي شديد مذمت ڪندي پاڪ فوج طرفان دشمن کي ڀرپور جواب ڏيڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج دشمن کي ان جي اوقات تي آڻي رهي آهي، پاڪستان جي خودمختياري تي ڪو به ٺاهه نه ٿيندو، آزاد …

مظفرآباد-27 فيبروري (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ افغانستان طرفان پاڪ – افغان سرحد تي بنا جواز جارحيت جي شديد مذمت ڪندي پاڪ فوج طرفان دشمن کي ڀرپور جواب ڏيڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج دشمن کي ان جي اوقات تي آڻي رهي آهي، پاڪستان جي خودمختياري تي ڪو به ٺاهه نه ٿيندو، آزاد ڪشمير جي عوام مشڪل جي هن گهڙي ۾ پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي ۽ دشمن جون سڀ غلط فهميون ختم ڪنداسين. چيف آف ڊفينس فورسز سيد عاصم منير جي قيادت ۾ هيٿاربند فوج هر چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهي. هن چيو ته خطي جي پائيدار امن لاءِ افغانستان کي پنهنجي سرزمين پاڙيسري ملڪن خلاف استعمال ٿيڻ کان روڪڻي پوندو، اسان جا حوصلا اڄ به بلند آهن ۽ الله تعاليٰ پاڪستان کي هر محاذ تي سرخرو ڪندو.

مزید خبریں