اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ افغانستان جي سرزمين تان ٿيل بنا جواز جارحيت ۽ سرحد پار ڪاررواين جي شديد مذمت ڪندي انهن کي عالمي قانونن ۽ تسليم ٿيل سفارتي اصولن جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي متفقه طور تي قرارداد منظور ڪئي آهي. قرارداد سينيٽر شيري رحمان پيش ڪئي ۽ ايوان ان کي متفقه طور تي منظور ڪري ورتو. قراراداد ۾ چيو ويو ته پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سلامتي يا …
سينيٽ پاران افغانستان جي سرزمين تان ٿيل بنا جواز جارحيت ۽ سرحد پار ڪاررواين جي مذمت جي قرارداد منظور

مزید خبریں
اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ افغانستان جي سرزمين تان ٿيل بنا جواز جارحيت ۽ سرحد پار ڪاررواين جي شديد مذمت ڪندي انهن کي عالمي قانونن ۽ تسليم ٿيل سفارتي اصولن جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي متفقه طور تي قرارداد منظور ڪئي آهي. قرارداد سينيٽر شيري رحمان پيش ڪئي ۽ ايوان ان کي متفقه طور تي منظور ڪري ورتو. قراراداد ۾ چيو ويو ته پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سلامتي يا قومي سلامتي کي چئلينج ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي قومي وقار تي سڌي ريت حملو تصور ڪيو ويندو ۽ ان جو ڀرپور ۽ فيصلائتو جواب ڏنو ويندو. ايوان ملڪي سرحدن جي دفاع ۾ چوڪس رهڻ تي پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي بهادري، پيشيوراڻي صلاحيت ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو. افغانستان سان پاڪستان جي ڏهاڪن تي ٻڌل وابستگي کي ياد ڪندي سينيٽ گهري افسوس جو اظهار ڪيو ته پاڪستان گذريل 40 سالن دوران لکين افغان شهرين جي ميزباني، انساني همدردي جي بنياد تي مدد، امن جي ڪوششن ۾ سهولتڪاري ۽ عالمي فورمز تي افغانستان جي استحڪام جي وڪالت سبب وڏو معاشي، سماجي ۽ سيڪيورٽي بار برداشت ڪيو. قرارداد ۾ چيو ويو ته اهي قدم اڪثر پاڪستان جي پنهنجي قومي ترقي ۽ داخلي سلامتي جي قيمت تي کنيا ويا. سينيٽ گڏيل خير سگالي جي کوٽ تي مايوسي جو اظهار ڪندي غيرذميواراڻي بيانن، سرحدي ڀڃڪڙين ۽ افغان سرزمين تان پاڪستان مخالف دهشتگرد عنصرن جي مسلسل موجودگي جو حوالو ڏنو ۽ ان کي ٻطرفي مفاهمت کي نقصان پهچائيندڙ ڳڻتي جوڳو رجحان قرار ڏنو. سينيٽ افغان طالبان حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هو فوري طور تي سمورا سازشي قدم بند ڪري، افغان سرزمين کي پاڪستان خلاف دهشتگردي يا جارحيت لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ بابت عالمي ذميوارين ۽ واعدن جي پاسداري ڪري. قراراد ۾ تعميري رابطن، علائقائي امن ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل لاڳاپن لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو، جڏهن ته خبردار ڪيو ويو ته پاڪستان جي صبر کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي ۽ استحڪام جي خواهش جو فيصلائتو رد عمل ڏيڻ جي صلاحيت جي کوٽ تصور نه ڪئي وڃي. ايوان عالمي برادري کان به مطالبو ڪيو ته هو ان اڳڀرائي جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺي ۽ افغان عملدارن تي زور ڀريو ته هو عالمي اصولن جي پابندي ڪن ۽ خطي کي وڌيڪ عدم استحڪام کان بچائين. قرارداد ۾ ٻڌايو ويو ته هو سياسي اختلافن کان مٿانهون ٿي پاڪستان جي خودمختياري جي دفاع ۾ متحد آهي ۽ رياست طرفان علائقائي سلامتي ۽ قومي وقار جي تحفظ لاءِ ڪيل سمورن ضروري قدمن جي حمايت ڪري ٿي. هي قراراداد پاڪستان – افغانستان سرحد تي هاڻوڪن هفتن دوران وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ سيڪيورتي خدشن جي روشني ۾ منظور ڪئي وئي.











