آپريشن “غضب الحق”، افغان طالبان رجيم جا 133 ڪارندا مارجي ويا، 200 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن: اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي) افغان طالبان رجيم جي 133 ڪارندا مارجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، 200 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي بيان موجب آپريشن غضب الحق دوران 27 فيبروري تي صبح جو 3 لڳي 40 منٽن تائين افغان طالبان رجيم جا 133 ڪارندا مارجڻ جي تصديق ٿي وئي آهي جڏهن ته 200 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. ڪابل، …

اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي) افغان طالبان رجيم جي 133 ڪارندا مارجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، 200 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي بيان موجب آپريشن غضب الحق دوران 27 فيبروري تي صبح جو 3 لڳي 40 منٽن تائين افغان طالبان رجيم جا 133 ڪارندا مارجڻ جي تصديق ٿي وئي آهي جڏهن ته 200 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. ڪابل، پڪتيا ۽ قنڌار ۾ افغان طالبان جي دفاعي هدفن کي نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ وڌيڪ جاني نقصان جو امڪان آهي. افغان طالبان رجيم جُون 27 پوسٽون تباهه، 9 پوسٽن تي قبضو، ٻه ڪور هيڊ ڪوارٽرز، ٽي برگيڊ هيڊ ڪوارٽرز، ٻه گولا بارود جا ذخيرا، هڪ لاجسٽڪ بيس، ٽي بٽالين هيڊ ڪوارٽرز، ٻه سيڪٽر هيڊ ڪوارٽرز ۽ 80 کان وڌيڪ ٽينڪ، آرٽلري گنز ۽ اي پي سيز تباهه ڪيا ويا آهن. پاڪستان جُون موثر جوابي ڪارروايُون جاري آهن.

مزید خبریں