صدر آصف علي زرداري پاران ضلعي زوب ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد - 26 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي ضلعي زوب ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ضلعي زوب ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ وڌيڪ 10 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. هن …

اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي ضلعي زوب ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ضلعي زوب ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ وڌيڪ 10 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. هن چيو ته ڀارتي پٺڀرائي ۾ سرگرم دهشتگرد عنصرن جي خلاف ڪامياب ڪارروايون سيڪيورٽي فورسز جي عزم ۽ تياري جو واضح ثبوت آهن. صدر چيو ته رياست ٻاهرئين سرپرستي ۾ سرگرم دشمن عنصرن ۽ انهن جي سهولتڪارن جي خلاف پوري قوت ۽ يڪجهتي سان ڪارروائي جاري رکندي.

مزید خبریں