يو اي اي پاران ڪي پي ڪي ۽ پنجاب ۾ دهشتگرد حملن جي مذمت

ابوظهبي-26 فيبروري (اي پي پي) گڏيل عرب امارات پاڪستان جي صوبن ڪي پي ڪي ۽ پنجاب ۾ پوليس آفيسرن کي نشانو بڻائيندڙ دهشتگرد حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو شهيد ۽ زخمي ٿيا. پرڏيهي ايجنسي موجب پرڏيهي وزارت پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته يو اي اي انهن ڏوهارين ڪاررواين يج سخت سان مذمت ڪري ٿي ۽ سلامتي ۽ استحڪام کي نقصان …

ابوظهبي-26 فيبروري (اي پي پي) گڏيل عرب امارات پاڪستان جي صوبن ڪي پي ڪي ۽ پنجاب ۾ پوليس آفيسرن کي نشانو بڻائيندڙ دهشتگرد حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو شهيد ۽ زخمي ٿيا. پرڏيهي ايجنسي موجب پرڏيهي وزارت پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته يو اي اي انهن ڏوهارين ڪاررواين يج سخت سان مذمت ڪري ٿي ۽ سلامتي ۽ استحڪام کي نقصان پهچائيندڙ هر قسم جي تشدد، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کي رد ڪرڻ جي پنهنجي مؤقف جو ورجاءُ ڪري ٿي. پرڏيهي وزارت انهن سنگين حملن ۽ متاثر خاندانن، اسلامي جمهوريه پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. زخمين جي جلد ۽ مڪمل صحتيابيءَ لاءِ نيڪ تمنائن جو به اظهار ڪيو ويو.

مزید خبریں