درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگن اکر جاري

اسلام آباد- 19 جنوري (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. سومر ڏينهن جاري انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 17 ھزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 17 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 9 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 9 هزار 800 ڪيوسڪ آھي. خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 15 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 15 هزار 300 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 3 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 100 ڪيوسڪ، جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا …

اسلام آباد- 19 جنوري (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. سومر ڏينهن جاري انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 17 ھزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 17 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 9 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 9 هزار 800 ڪيوسڪ آھي. خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 15 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 15 هزار 300 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 3 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 100 ڪيوسڪ، جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 6 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 6 ھزار 900 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق ڊيمن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1492.00 فوٽ، ڊيمن ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.747 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ موجوده سطح 1200.95 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 4.312 ملين ايڪڙ فوٽ جڏھن ته چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 647.40 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.230 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو. 

مزید خبریں