اسلام آباد- 19 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي قيادت ۾ پارلياماني وفد 19 کان 21 جنوري تائين چين جو ٽن ڏينهن جو دورو ڪندو. اهو دورو چين جي نيشنل پيپلز ڪانگريس (اين پي سي) جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين زائوليچي جي خاص دعوت تي ڪيو پيو وڃي. قومي اسيمبلي جي ترجمان مطابق قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي قيادت ۾ پاڪستان جي پارلياماني وفد …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي قيادت ۾ پارلياماني وفد 19 جنوري کان چين جو ٽن ڏينهن جو دورو ڪندو

مزید خبریں
اسلام آباد- 19 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي قيادت ۾ پارلياماني وفد 19 کان 21 جنوري تائين چين جو ٽن ڏينهن جو دورو ڪندو. اهو دورو چين جي نيشنل پيپلز ڪانگريس (اين پي سي) جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين زائوليچي جي خاص دعوت تي ڪيو پيو وڃي. قومي اسيمبلي جي ترجمان مطابق قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي قيادت ۾ پاڪستان جي پارلياماني وفد جو سال 2026ع ۾ چين جو اهو پهريون سرڪاري دورو آهي. اهو دورو پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي 75هين سالگره جي موقعي تي ٿي رهيو آهي، جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ پراڻن، مضبوط ۽ سدا بهار دوستي کي ظاهر ڪري ٿو. ان تاريخي موقعي تي پاڪستان ۽ چين سڄو سال گڏيل تقريبون منعقد ڪرڻ ذريعي ان اهم سنگ ميل کي شاندار انداز سان ملهائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي قيادت ۾ پارلياماني وفد چين جي پارلياماني ۽ سياسي قيادت سان ملاقاتون ڪندو جن ۾ پارلياماني سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. پارلياماني وفد ۾ ماحولياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر ۽ پاڪ-چين فرينڊ شپ گروپ جي ڪنونيئر رومينا خورشيد عالم، قومي اسيمبلي جو ميمبر محمد نعمان، پارلياماني سيڪريٽري زيب جعفر ۽ قومي اسيمبلي جو ميمبر مولانا عبدالغفور حيدري شامل آهن.











