صحت واري وفاقي وزير  سان انڊونيشيا جي ويڪسين ساز ڪمپني بائيو فارما جي سربراهه جي ملاقات

جڪارتا -19 جنوري (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال سان انڊونيشيا جي مشهور ويڪسين ساز ڪمپني بائيو فارما جي سربراهه شادق اڪاسيا ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ويڪسين جي شعبي ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ بابت ڳالهيون ڪيون ويون. صحت واري وزارت پاران جاري بيان موجب سيد مصطفيٰ ڪمال پاڪستان ۽ انڊونيشيا وچ ۾ ويڪسين جي تياري جي شعبي ۾ سهڪار جي …

جڪارتا -19 جنوري (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال سان انڊونيشيا جي مشهور ويڪسين ساز ڪمپني بائيو فارما جي سربراهه شادق اڪاسيا ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ويڪسين جي شعبي ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ بابت ڳالهيون ڪيون ويون. صحت واري وزارت پاران جاري بيان موجب سيد مصطفيٰ ڪمال پاڪستان ۽ انڊونيشيا وچ ۾ ويڪسين جي تياري جي شعبي ۾ سهڪار جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته ٻئي ادارا ٽيڪنالاجي ٽرانسفر، سگهه وڌائڻ ۽ قدمن ذريعي گڏيل طور ڪم ڪري سگهندا. بائيو فارما ۽ اين آءِ ايڇ پاڪستان وچ ۾ ٽيڪنالاجي ٽرانسفر تي به ڳالهيون ڪندي. هنن چيو ته پاڪستان ويڪسين جي تياري واري شعبي ۾ انڊونيشيا جي تجربن مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو. ٻنهي اڳواڻن بائيو فارما اينڊ اين آءِ ايڇ پاڪستان وچ ۾ ٽيڪنالاجي منتقلي جي سگهه وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو. صحت واري وزير چيو ته پاڪستان پنهنجي ويڪسين پروڊڪشن سهولت قائم ڪرڻ لاءِ انڊونيشيا  سان ويجهي ۽ عملي سهڪار جو خواهشمند آهي. ويڪسين جي مقامي پيداوار ۾ خود ڪفالت جي اهميت زور ڀريندي هن چيو ته ان قدم سان سان پاڪستان ۾ ويڪسين جي مقامي تياري کي هٿي ملندي.  سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽انڊونيشيا وچ ۾ صحت جي شعبي ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو. هن چيو ته هو عوام کي محفوظ، معياري  ۽ وقت سر ويڪسين جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، قومي سطح تي ويڪسين جي ضرورت پاڻ پوري ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا  وڃن.

مزید خبریں