صدر مملڪت آصف علي زرداري جي گل پلازه ۾ باهه لڳڻ واري واقعي دوران فائر فائٽر فرقان علي جي فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد- 18 جنوري (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري ڪراچي ۾ گل پلازه ۾ باهه لڳڻ دروان پنهنجي جان قربان ڪندڙ فائر فائٽر فرقان علي جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان ۾ صدر مملڪت چيو ته فرقان علي جي پيشيوراڻي جرئت ۽ فرض شناسي عوامي خدمت جو اعليٰ مثال آهي. صدر مملڪت، فرقان علي …

اسلام آباد- 18 جنوري (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري ڪراچي ۾ گل پلازه ۾ باهه لڳڻ دروان پنهنجي جان قربان ڪندڙ فائر فائٽر فرقان علي جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان ۾ صدر مملڪت چيو ته فرقان علي جي پيشيوراڻي جرئت ۽ فرض شناسي عوامي خدمت جو اعليٰ مثال آهي. صدر مملڪت، فرقان علي جي پونئيرن سان دلي تعزيت ڪئي. صدر آصف علي زرداري چيو ته قوم پنهنجي بهادر سپوتن جي قربانين کي هميشه ياد رکندي. صدر مملڪت چيو ته مستقبل ۾ اهڙن سانحن جي روڪٿام لاءِ فائر سيفٽي ۽ ايمرجنسي نظام کي اثرائتو بڻايو ويندو. صدر مملڪت، سنڌ حڪومت کي هدايت ڪئي ته ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ ڪمرشل ۽ رهائشي عمارتن جي حفاظتي انتظامن جو جامع جائزو ورتو وڃي. هن سنڌ حڪومت کي هدايت ڪئي ته واقعي کانپوءِ امدادي قدمن ۾ فعال ڪردار ادا ڪيو وڃي ۽ زخمين جي علاج ۽ متاثر خاندانن جي سار سنڀال کي فوري بنيادن تي يقيني بڻايو وڃي.

مزید خبریں