وفاقي آئيني عدالت ۾ سپر ٽيڪس بابت اهم ڪيسن جي ٻڌڻي اڄ ٿيندي

اسلام آباد- 18 جنوري (اي پي پي)وفاقي آئيني عدالت ۾ سپر ٽيڪس لاڳو ڪرڻ بابت اهم آئيني ۽ ٽيڪس ڪيسن جي ٻڌڻي اڄ سومر تي ٿيندي. وفاقي آئيني عدالت جو چيف جسٽس، جسٽس امين الدين خان، جسٽس سيد حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس ارشد حسين شاهه تي ٻڌل ٽه رڪني بينچ انهن ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندي. عدالت آڏو درخواستگذار ڪمپنين جا وڪيل پيش ٿيندا، جڏهن ته وفاق طرفان نامزد وڪيل …

اسلام آباد- 18 جنوري (اي پي پي)وفاقي آئيني عدالت ۾ سپر ٽيڪس لاڳو ڪرڻ بابت اهم آئيني ۽ ٽيڪس ڪيسن جي ٻڌڻي اڄ سومر تي ٿيندي. وفاقي آئيني عدالت جو چيف جسٽس، جسٽس امين الدين خان، جسٽس سيد حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس ارشد حسين شاهه تي ٻڌل ٽه رڪني بينچ انهن ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندي. عدالت آڏو درخواستگذار ڪمپنين جا وڪيل پيش ٿيندا، جڏهن ته وفاق طرفان نامزد وڪيل ۽ نمائندا عدالت ۾ دليل ڏيندا. عدالت سپر ٽيڪس لاڳو ڪرڻ بابت آئيني ۽ قانوني نقطن جو جائزو وٺندي.

مزید خبریں