صدر مملڪت آصف علي زرداري پاران سرگوڌا ۽ اورماڙه ۾ افسوسناڪ روڊ حادثن ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد- 17 جنوري (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري، سرگوڌا ۽ اورماڙه ۾ افسوسناڪ روڊ حادثن ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي  گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مطابق صدر، سرگوڌا ۾ شديد ڪوهيڙي سبب حادثي ۾ قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو، اورماڙه ويجهو پيش آيل حادثي تي به صدر مملڪت افسوس جو …

اسلام آباد- 17 جنوري (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري، سرگوڌا ۽ اورماڙه ۾ افسوسناڪ روڊ حادثن ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي  گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مطابق صدر، سرگوڌا ۾ شديد ڪوهيڙي سبب حادثي ۾ قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو، اورماڙه ويجهو پيش آيل حادثي تي به صدر مملڪت افسوس جو اظهار ڪيو. هن، فوتين جي ڪٽنبن سان تعزيت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. صدر مملڪت چيو ته تبديل ٿيندڙ موسمي حالتون هڪ حقيقت آهن، سفر دوران احتياط ضروري آهي. صدر آصف علي زرداري، محفوظ ڊرائيونگ سان لاڳاپيل عوامي آگاهي ڏيڻ لاءِ صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪندي چيو ته انساني جانين جو تحفظ رياست جي اولين ترجيح آهي.

مزید خبریں