گهرو معاملن واري وفاقي وزير سان آمريڪي وفد جي ملاقات، مستقبل ۾ هر سطح تي پاڪ آمريڪا تعاون مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪو آرڊينيشن بهتر بڻائڻ جو فيصلو

اسلام آباد - 17 جنوري (اي پي پي)  گهرو معاملن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي، ته مستقبل ۾ هر سطح تي پاڪ آمريڪا تعاون جو استحڪام ۽ ڪوآرڊينيشن ۾ بهتري ۽ پرڏيهه ۾ ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي جديد سافٽ ويئر ذريعي ڪئي ويندي، آمريڪي ادارن اينٽي ٽيررسٽ اسٽنٽس پروگرام ۽ بيورو آف انٽرنيشنل نارڪوٽڪس اينڊ لا انفورسمينٽ سان جاري تعاون کي وڌايو ويندو. …

اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي)  گهرو معاملن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي، ته مستقبل ۾ هر سطح تي پاڪ آمريڪا تعاون جو استحڪام ۽ ڪوآرڊينيشن ۾ بهتري ۽ پرڏيهه ۾ ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي جديد سافٽ ويئر ذريعي ڪئي ويندي، آمريڪي ادارن اينٽي ٽيررسٽ اسٽنٽس پروگرام ۽ بيورو آف انٽرنيشنل نارڪوٽڪس اينڊ لا انفورسمينٽ سان جاري تعاون کي وڌايو ويندو. اها ڳالهه هن آمريڪي سفير نيٽلي بيڪر جي اڳواڻي ۾ اعليٰ سطحي وفد سان ملاقات دوران چئي. ان موقعي تي پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۽ گڏيل مفادن جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. گهرو وزارت موجب ملاقات دوران ٻه طرفي سيڪيورٽي تعاون، بار ڊر مينجمينٽ جي سلسلي ۾ گڏيل سهڪار ۾ واڌ سميت آمريڪي ادارن اينٽي ٽيررسٽ اسسٽنٽس پروگرام ۽ بيورو آف انٽرنيشنل نارڪوٽيڪس اينڊ لا انفورسمينٽ  سان جاري تعاون مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ۽ مستقبل ۾ هر سطح تي پاڪ آمريڪا تعاون مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪوآرڊينيشن بهتر بڻائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. وفاقي گهرو وزير چيو ته پرڏيهه ۾ ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي جديد سافٽ ويئر ذريعي ڪئي ويندي. ملاقات ۾ ايف آءِ اي، فيڊرل ڪانسٽيبلري ۽ سائبر ڪرائيم ايجنسي جي آفيسرن لاءِ ٽريننگ پروگرامز، آمريڪا  جي تعاون سان ايف آءِ اي ۾ سينٽر فار ٽرانسفارميشن ڪرائيم ۽ اڪيڊمي جي قيام جي معاملن بابت به ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ اتفاق ڪيو ويو ته بارڊر سيڪيورٽي ڪوسٽل گارڊز ۽ ٻين ادارن کي جديد آمريڪي اوزارن سان ليس ڪيو ويندو. گهرو وزير چيو ته جديد اوزار سان بارڊر سيڪيورٽي ۽ ڪوسٽل گارڊز جي سگهه ۾ اضافو ٿيندو، فيڊرل ڪانسٽيبلري جي نئين سر تنظيم  سازي، ايف آ3 ۽ اين سي سي آءِ اي جي سگهه وڌائڻ ۾ آمريڪي تعاون جي آجيان ڪئي ويندي. آمريڪي وفد سيڪيورٽي تعاون ۽ ٻه طرفه رابطا وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي تعريف ڪئي. وقتي آمريڪي سفير گهرو وزارت ۽ آمريڪي ادارن وچ ۾ مختلف سطح تي جاري تعاون کي تعريف ڪئي. هن چيو ته پاڪستان سان ٻه طرفه سهڪار وڌائڻ لاءِ قدم جاري رکنداسين.  

مزید خبریں