اسلام آباد- 17 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ مسجدن ۽ انهن جي انتظامي ڪميٽين تي ڀارتي پروفائلنگ جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته اها کليل مداخلت مذهبي آزادي ۽ عقيدي جي بنيادي حق جي سنگين ڀڃڪڙي، والاريل علائقي جي مسلمان آبادي کي ڊيڄارڻ ۽ کين پوئتي ڌڪڻ جي هڪ ٻي جابراڻي ڪوشش آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري بيان …
پاڪستان پاران ڄمون ڪشمير ۾ مسجدن ۽ انهن جي انتظامي ڪميٽين تي ڀارتي پروفائلنگ جي شديد مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد- 17 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ مسجدن ۽ انهن جي انتظامي ڪميٽين تي ڀارتي پروفائلنگ جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته اها کليل مداخلت مذهبي آزادي ۽ عقيدي جي بنيادي حق جي سنگين ڀڃڪڙي، والاريل علائقي جي مسلمان آبادي کي ڊيڄارڻ ۽ کين پوئتي ڌڪڻ جي هڪ ٻي جابراڻي ڪوشش آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري بيان ۾ چيو ته مذهبي ذميوارن جي ذاتي ڊيٽا، تصوير ۽ مسلڪي وابستگين جي زبردستي طور تي ڄاڻ گڏ ڪرڻ منظم هراساني جي برابر آهي، جنهن جو مقصد عبادتگذارن ۾ خوف پيدا ڪرڻ ۽ کين پنهنجي مذهب تي آزاداڻي عمل کان روڪڻ آهي. ترجمان چيو ته اهي قدم قابض ڀارتي حڪومت جي هندوپرست نظريي کان متاثر اداره جاتي اسلامو فوبيا جي هڪ وسيع سلسلي جو حصو آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته مسجدن ۽ مسلمان عالمن کي مخصوص طور تي نشانو بڻائڻ انهن پاليسين جي امتيازي ۽ فرقيواراڻي ڪردار کي بي نقاب ڪري ٿو. بيان موجب ڄمون ڪشمير جي عوام کي خوف، ڏاڍ ۽ امتياز کانسواءِ پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ جو فتح نه ٿيڻ جوڳو حق حاصل آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ ان خلاف مذهبي ظلم، ڏاڍ ۽ عدم برداشت جي سمورين صورتن خلاف پنهنجو آواز بلند ڪندو رهندو.











