لاهور-17 جنوري (اي پي پي)انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ عوام کي جديد ترين ٽيڪنالاجي تائين رسائي پهرين ترجيح آهي، حڪومتي مثبت پاليسين عيوض آءِ ٽي سيڪٽر کي هٿي حاصل آهي، نوجوان قيمتي اثاثو آهن، هلندڙ سال 7 لک کان وڌيڪ ٻارن کي آءِ ٽي جي تربيت فراهم ڪنداسين، حق جي ويڙهه ۾ فتح سان اسان دنيا …
هلندڙ سال 7 لک ٻارن کي آءِ ٽي تربيت فراهم ڪنداسين: شزا فاطمه خواجه

مزید خبریں
لاهور-17 جنوري (اي پي پي)انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ عوام کي جديد ترين ٽيڪنالاجي تائين رسائي پهرين ترجيح آهي، حڪومتي مثبت پاليسين عيوض آءِ ٽي سيڪٽر کي هٿي حاصل آهي، نوجوان قيمتي اثاثو آهن، هلندڙ سال 7 لک کان وڌيڪ ٻارن کي آءِ ٽي جي تربيت فراهم ڪنداسين، حق جي ويڙهه ۾ فتح سان اسان دنيا ۾ سائبر سيڪيورٽي ۾ پنهنجي هاڪ مڃرائي آهي، ملڪي معيشت صحيح رخ تي گامزن ٿي چڪي آهي، اهڙو اظهار هن ايڪسپو سينٽر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته نوجوان قيمتي اثاثو آهن،اسان جا 15 ڪروڙ ٻار ۽ ٻارڙيون يوٿ ايج گروپ ۾ اچن ٿا، نوجوانن لاءِ روزگار ۽ ترقي جي موقعن ۾ وڌيڪ واڌ لاءِ لکين نوجوانن کي فري تربيت ڏني وئي آهي. گذريل ٻن سالن ۾ اسان اٽڪل 3 لک ٻارن کي ٽريننگ ڏئي چڪا آهيون، هلندڙ سال اسان ساڍا 7 لک ٻارن کي ٽريننگ ڏينداسين، هن چيو ته اسان پاڪستان کي هڪ برينڊ بڻائڻ چاهيون ٿا جنهن لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪرڻي پوندي، پاڪستان ۾ آءِ ٽي سان لاڳاپيل شين جي روانگي واپار کي وڌائڻو آهي، سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن تحت ناليج بيسڊ اڪانومي جي ترقي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. آءِ ٽي شعبو ٻين شعبن جي ترقي جو سبب بڻيو ۽ حڪومت آءِ ٽي جي شعبي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، عوام کي جديد ترين ٽيڪنالاجي تائين رسائي پهرين ترجيح آهي، جنهن لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن. وفاقي وزير چيو ته جامع ۽ پائيدار بنيادن تي معاشي ترقي پهرين ترجيح آهي، هڪ وقت هو جڏهن ماڻهو سمجهندا هئا ته پاڪستان ڏيوالو ٿي ويندو پر وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ اسان جي حڪومت ٻن سالن ۾ نه رڳو ملڪ کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچايو پر معيشت کي صحيح رخ تي گامزن ڪيو، هاڻي سياسي ۽ معاشي حالتون بهتر ۽ ملڪ استحڪام طرف وڌي رهيو آهي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ تيزي سان گروٿ ٿي آهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ وڌيڪ واڌ ٿي رهي آهي، شزا فاطمه خواجه چيو ته حق جي ويڙهه اسان کٽي آهي ۽ دنيا ڏٺو ته اسان ڪاميابي حاصل ڪئي، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير هن فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته حق جي ويڙهه جي فتح ۾ سائبر سيڪيورٽي ذريعي سمورو ڪم ڪيو ويو. اسان سمورو بيڪ اپ تيار ڪري رکيو هو، اسان جي آءِ ٽي جي ماهرن ۽ نوجوانن چيو ته اوهان کي پريشان ناهي ٿيڻو،ا سان ضرور ڪاميابي حاصل ڪنداسين، پوءِ هنن ڪري ڏيکاريو. جنگ کٽڻ بعد اسان پنهنجي ڪاميابي سائبر سيڪيورٽي جي به هاڪ دنيا ۾ مڃرائي. هن چيو ته اي ڪامرس کي هٿي وٺرائڻ وقت جي ضرورت آهي، اسان آسان خدمت سروس سينٽر لانچ ڪيو آهي، وفاقي حڪومت اي ڪامرس تي منتقل ٿي چڪي آهي، جڏهن ته ايندڙ ڏينهن ۾ آءِ ٽي کي وڌيڪ ترقي ملندي.











