آءِ ايس پي آر پاران نئون نغمو ”پاڪ سر زمينون“ جاري

اسلام آباد -13 ڊسمبر (اي پي پي) آءِ ايس پي آر مشهور گلوڪار اسرار جي آواز ۾ پاڪ سر زمينون جي عنوان سان نئون ملي نغمو رليز ڪري ڇڏيو آهي. تفصيل موجب آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل نغمي ۾ ٽنهي هٿياربند فوجن جي يڪجهتي ۽ وطن سان بي مثال وفا جي عظيم داستان، حق جي ويڙهه دوران پاڪستان جي هٿياربند فوج طرفان وطن جي شاندار عڪاسي ڪئي وئي …

اسلام آباد -13 ڊسمبر (اي پي پي) آءِ ايس پي آر مشهور گلوڪار اسرار جي آواز ۾ پاڪ سر زمينون جي عنوان سان نئون ملي نغمو رليز ڪري ڇڏيو آهي. تفصيل موجب آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل نغمي ۾ ٽنهي هٿياربند فوجن جي يڪجهتي ۽ وطن سان بي مثال وفا جي عظيم داستان، حق جي ويڙهه دوران پاڪستان جي هٿياربند فوج طرفان وطن جي شاندار عڪاسي ڪئي وئي آهي. نغمي ۾ رت جي آخري ڦڙي تائين وطن لاءِ قربانيون ڏيڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو عزم شامل آهي. نغمي ۾ بهادري، قرباني ۽ وطن جي وقار جي شاندار منظر ڪشي ڪئي وئي آهي. نغمي ذريعي سرحدن جي محافط پاڪ فوج جي جوانن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ويو. آسمانن جي نگهبان پاڪ فضائيه جي پشيواراڻي مهارت ۽ جرئتمنداڻي ڪردار کي نغمي ۾ خوبصورتي سان اجاگر ڪيو ويو آهي. نغمي ۾ ملڪ جي سامونڊي سرحدن جي محافظ پاڪ بحريه جي شاندار ڪارنامنن کي به ساراهيو ويو. نغمي ۾ وطن سان محبت ۽ شهيدن جي لازوال قربانين کي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل ملي نغمو قرباني ۽ تجديد عهد وفا جو نمونو آهي.

مزید خبریں