پاڪستان ۽ ڪرغزستان پاران گڏيل اقتصادي تعاون ۾ اضافي جي ضرورت کي اجاگر ڪندي ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ تي اتفاق

اسلام آباد - 04 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪرغزستان گڏيل اقتصادي تعاون ۾ اضافي جي ضرورت کي اجاگر ڪندي ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان ۽ افغان عوام جي لاءِ پائيدار مستقبل جي عزم جو ورجاءُ ڪندي ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو آهي ته افغان طالبان حڪومت کي عالمي برادري سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻ گهرجن ۽ …

اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪرغزستان گڏيل اقتصادي تعاون ۾ اضافي جي ضرورت کي اجاگر ڪندي ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان ۽ افغان عوام جي لاءِ پائيدار مستقبل جي عزم جو ورجاءُ ڪندي ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو آهي ته افغان طالبان حڪومت کي عالمي برادري سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻ گهرجن ۽ پاڪستان جي جائز سيڪيورٽي خدمتن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ دهشتگرد عنصرن جي خلاف ٺوس ۽ قابل تصديق قدم کڻڻ گهرجن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ڪرغزستان جي صدر صادر زپاروف جي وچ ۾ وزيراعظم هائوس ۾ وفدن جي سطح تي ملاقات ٿي، ٻطرفي ڳالهه ٻولهه ۾ وزيراعظم جي مدد نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سميت اهم وفاقي وزيرن ۽ سينيئر عملدارن ڪئي. بيان موجب وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان جمهوريه ڪرغزستان سان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي انتهائي اهميت جي نظر سان ڏسي ٿو. وزيراعظم وچ ايشيائي ملڪن سان رابطن جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي ”ويزن سينٽرل ايشيا“ پاليسي تحت پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي لاڳاپن جيڪي تاريخي رابطن، گڏيل تهذيب ۽ قدرن ۽ علائقائي امن ۽ خوشحالي جي گڏيل ويزن تي قائم آهن، جي فروغ ۽ توسيع جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن جاري گڏيل تعاون خاص طور تي واپار، توانائي، مواصلات ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. گڏيل اقتصادي تعاون ۾ اضافي جي ضرورت کي اجاگر ڪندي ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. دوري دوران صحيحون ٿيل معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي موثر عملدرآمد جي ذريعي 2027 – 2027ع تائين ٻطرفي واپار جو ڪاٿو 200 ملين آمريڪي ڊالر تائين وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن ملاقات دوران 29 – 28 جولاءِ 2025ع تي اسلام آباد ۾ منعقد ڪرغزستان – پاڪستان گڏيل سرڪاري ڪميشن جي پنجين اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي پڻ اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن علائقائي استحڪام جي لاءِ توانائي جي شعبي م تعاون جي اهميت کي تسليم ڪندي ڪاسا – 1000 منصوبي تي وقت ۽ موثر عملدرآمد جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. اهو منصوبو علائقائي توانائي تعاون ۾ اهم سنگ ميل ۽ وچ ۽ ڏکڻ ايشيا جي وچ م هڪ اهم رابطو آهي. ٻنهي اڳواڻن جمهوريه ڪرغزستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ محفوظ، مستحڪم ۽ پائيدار ۽ گهن رخي رابطن جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ان ڏس ۾ ٻطرفي ۽ علائقائي واپار ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ ”ڪواڊريليٽرل ٽريفڪ ان ٽرانزٽ ايگريمنٽ“ تحت روڊ ڪوريڊور جي فعال ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي کي درپيش وڌندڙ خطرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته تڪرارن کي عالمي قانون خاص طور تي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب پرامن طريقي سان حل ڪرڻ گهرجي. ٻنهي اڳواڻن پرامن ۽ مستحڪم افغانستان ۽ افغان عوام جي لاءِ پائيدار مستقبل جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ اتفاق ڪيو ته افغان طالبان حڪومت کي عالمي برادري سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻ گهرجن ۽ پاڪستان جي جائز سيڪيورٽي خدشن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ دهشتگرد عنصرن جي خلاف ٺوس ۽ قابل تصديق قدم کڻڻ گهرجن. ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ جاري امن ڪوششن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ هڪ خودمختيار، قابل عمل، متحد ۽ آزاد فلسطيني رياست جيڪا جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن ۽ القدس الشريف بطور گادي واري شهر تي ٻڌل هجي، جي قيام جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن بشمول توانائي، معدنيات، واپار، تعليم، قانون ۽ انصاف، ثقافت ۽ سياحت ۾ گڏيل دلچسپي جي 15 مفاهمت جي يادداشتن جي مٽاسٽا ۽ معاهدن تي صحيحن واري تقريب پڻ منعقد ٿي جنهن ۾ وزيراعظم ۽ جمهوريه ڪرغزستان جي صدر شرڪت ڪئي. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرغزستان جي صدر جو وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم هائوس پهچڻ تي جمهوريه ڪرغزستان جي صدر صادر زپاروف کي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. سرڪاري آجياڻي واري تقريب کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٻطرفي ملاقات ٿي. ان کانسواءِ وزيراعظم ڪرغزستان جي صدر ۽ سندس وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو. بعد ۾ ٻنهي اڳواڻن ميڊيا سان گڏيل ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي جنهن ۾ ملاقات ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جي نقطن تي روشني وڌي وئي.