پاڪستان جي عورتن جي واپاري ادارن کي گذريل 11 مهينن دوران 230 ارب روپين جا قرضا فراهم ڪيا ويا

اسلام آباد- 04 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ عورتن جي واپاري ادارن کي گذريل 11 مهينن (نومبر 2024ع کان آڪٽوبر 2025ع) دوران 230 ارب روپين جا قرضا فراهم ڪيا ويا. ان دوران عورتن جي 9 لک 74 هزار ڪاروباري ادارن بئنڪن ۽ مالياتي ادارن مان قرضن جي سهولت مان فائدو حاصل ڪيو. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان (ايس بي پي) جي هڪ رپورٽ مطابق گذريل 11 مهينن ۾ عورتن جي …

اسلام آباد- 04 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ عورتن جي واپاري ادارن کي گذريل 11 مهينن (نومبر 2024ع کان آڪٽوبر 2025ع) دوران 230 ارب روپين جا قرضا فراهم ڪيا ويا. ان دوران عورتن جي 9 لک 74 هزار ڪاروباري ادارن بئنڪن ۽ مالياتي ادارن مان قرضن جي سهولت مان فائدو حاصل ڪيو. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان (ايس بي پي) جي هڪ رپورٽ مطابق گذريل 11 مهينن ۾ عورتن جي ڪاروباري ادارن کي فراهم ڪيل مجموعي قرضن مان مائڪرو فنانس جي مد ۾ 113 ارب روپين جا قرض فراهم ڪيا ويا جڏهن ته عورتن جي ٻين 611 ڪاروباري ادارن مائڪرو فنانس کان علاوه ٻين قرضن جي مد ۾ 56 ارب روپين جا قرض حاصل ڪيا آهن. ايس بي پي مطابق نيشنل فنانشل انڪلوزن اسٽريٽجي سال 28-2024ع تحت مرڪزي بئنڪ قرضن جي فراهمي جي حوالي سان صنفي اڻ برابري کي گهٽائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.