قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان بلوچستان جي گورنر شيخ جعفر خان مندوخيل جي ملاقات

اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان بلوچستان جي گورنر شيخ جعفر خان مندوخيل پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير خالد حسين مگسي ۽ سينيٽ جو اڳوڻو چيئرمين صادق سنجراڻي به موجوده هئا. ملاقات ۾ بلوچستان جي مجموعي سياسي ۽ انتظامي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن، عوامي …

اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان بلوچستان جي گورنر شيخ جعفر خان مندوخيل پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير خالد حسين مگسي ۽ سينيٽ جو اڳوڻو چيئرمين صادق سنجراڻي به موجوده هئا. ملاقات ۾ بلوچستان جي مجموعي سياسي ۽ انتظامي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن، عوامي ڀلائي جي قدمن ۽ مستقبل جي ترجيحن تي غور ڪيو ويو. بلوچستان جي گورنر صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۽ انهن جي اڳڀرائي کان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي آگاهه ڪيو. وفد بلوچستان ۾ امن امان ۽ استحڪام لاءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي خدمتن کي ساراهيو. وفد وفاقي ۽ صوبائي سطح تي قانونساز ادارن وچ ۾ موثر رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ اسپيڪر سردار اياز صادق جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. وفد قومي اسيمبلي جي ڪارروائي کي بهترين طريقي سان هلائڻ ۾ اسپيڪر سردار اياز صادق جي ڪردار کي ساراهيو. اسپيڪر چيو ته بلوچستان منهنجي دل جي ويجهو آهي، هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته بلوچستان جي مسئلن جو حل پارليامينٽ جي اولين ترجيح آهي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان جي مجموعي ترقي بلوچستان جي ترقي سان جڙيل آهي، تنهن ڪري صوبي جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا. ملاقات ۾ وفاق ۽ بلوچستان وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.