اسلام آباد- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر طارق علي خان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ ڪينيڊا و چ ۾ زرعي سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ زرعي مصنوعات جي واپار ۾ آساني بابت معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون. ٻنهي اڳواڻن زراعت، غذائي تحفظ ۽ فني سهڪار جي شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ …
وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات
اسلام آباد- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر طارق علي خان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ ڪينيڊا و چ ۾ زرعي سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ زرعي مصنوعات جي واپار ۾ آساني بابت معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون. ٻنهي اڳواڻن زراعت، غذائي تحفظ ۽ فني سهڪار جي شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت مان جاري بيان مطابق وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو ته پاڪستان ۽ ڪينيڊا جا لاڳاپا گڏيل احترام ۽ پراڻي سهڪار تي ٻڌل آهن ۽ زراعت جو شعبو ٻنهي ملڪن لاءِ هڪ قدرتي ڀائيواري جو ميدان فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي وڌندڙ آبادي ۽ غذائي ضرورتن سبب ڪينيڊا لاءِ هتي وسيع واپاري امڪان موجود آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان زرعي مصنوعات ۾ جدت، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ ويليو ايڊيشن جي شعبن ۾ ڪينيڊا جي تجربي مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو. وفاقي وزير ٻڌايو ته حڪومت کاڌي جي تيل جي آمدني واپار ۾ تنوع پيدا ڪرڻ لاءِ پام آئل تي ڀاڙڻ گهٽ ڪري رهي آهي جنهن جو ساليانو آمدني واپار تي 4 ارب آمريڪي ڊالر کان وڌيڪ آهي ۽ ان بجاءِ ڪينولا ۽ سويابين جي تيل جي آمدني واپار ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي جيڪو انساني صحت ۽ ماحول ٻنهي لاءِ بهتر آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪينولا جي پوکي تيزي سان منافعي بخش بڻجي رهي آهي ۽ آبادگار ان طرف راغب ٿي رهيا آهن جڏهن ته مقامي سطح تي پراسيسنگ جي صلاحيت به وڌي رهي آهي. رانا تنوير حسين ٻڌايو ته ماحولياتي تبديلي واري وزارت 43 جي ايم او ايونٽس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ حتمي نوٽيفيڪيشن جو عمل جاري آهي جنهن کانپوءِ ڪينيڊين جي ايم او ڪينولا جو آمدني واپار وڌيڪ آسان ٿي ويندو. هن خاطري ڪرائي ته پاڪستان خوراڪ ۽ حياتياتي تحفظ جي سمورن عالمي معيارن تي مڪمل عملدرآمد کي يقيني بنائيندو ته جيئن واپاري عمل محفوظ ۽ شفاف ٿئي. وفاقي وزير ڪينيڊا طرفان پاڪستان جي ڊپارٽمنٽ آف پلانٽ پروٽيڪشن جي وفد کي ڪينيڊا مدعو ڪرڻ جي قدمن کي ساراهيو جيڪو اتي بائيو سيفٽي، فوڊ سيفٽي ۽ انسپيڪشن سسٽمز جو مشاهدو ڪندو. هن چيو ته اهڙي مٽا سٽا گڏيل اعتماد کي مضبوط ۽ واپاري سهڪار کي مضبوط بنائيندي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ ۾ هائبرڊ ٻجن جي تياري، چوپائي مال جي پالنا، ايمبريو ٽرانسفر ٽيڪنالاجي ۽ فيڊ فارموليشن جهڙن شعبن ۾ سهڪار جا وسيع امڪان موجود آهن. هن تجويز پيش ڪئي ته ٻئي مڪ زرعي مشينري جي تياري ۾ گڏيل منصوبا قائم ڪن ته جيئن پاڪستان جي زراعت کي جديد رخن تي آڻي سگهجي. وفاقي وزير، ڪينيڊا سان بي ايس اي نيگليجبل رسڪ ڊوزيئر ۽ ايف ايم ڊي ڪنٽرول پروگرام کي مڪمل ڪرڻ ۾ فني معاونت فراهم ڪرڻ جي به درخواست ڪئي ته جيئن پاڪستان عالمي سطح تي اعليٰ ويليو مارڪيٽس تائين پهچ حاصل ڪري سگهي. هن ڪينيڊين فوڊ انسپيڪشن ايجنسي سان جاري هاڪاري رابطن جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته زنده جانورن جي در آمد لاءِ ويٽرنري هيلٿ سرٽيفيڪيٽ کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي ۽ هاڻي ڊي اولڊ چڪس ۽ هيچنگ انڊن جي درآمد بابت معاملن تي اڳڀرائي جاري آهي. وفاقي وزير پاڪستان جي حلال مصنوعات جن ۾ جيلاٽن ۽ پراسيس ٿيل مرغي جو گوشت شامل آهن جي ڪينيڊا ۾ روانگي واپار لاءِ سي ايف آءِ اي مان تصديق جي ضرورت تي به زور ڀريو. ان موقعي تي ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر طارق علي خان پاڪستان جي وڌندڙ زرعي صلاحيت ۽ حڪومت جي پائيدار زراعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته ڪينيڊا پاڪستان کي هڪ اهم ڀائيوار سمجهي ٿو ۽ تيل دار ٻجن، دالين، جنسن ۽ کاڄرو تيل جي واپار ۾ وسعت چاهي ٿو. هاءِ ڪمشنر ٻڌايو ته ڪينيڊا دنيا جي بهترين بائيو سيفٽي ۽ فوڊ سيفٽي معيار رکي ٿو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ريگيوليٽري سهڪار سان جي ايم او ڪينولا جي آمدني واپار ٻيهر شروع ٿي سگهي ٿو. هن پاڪستان کي 19 هين سالياني ڪينيڊين فوڊ سيفٽي سمٽ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني جيڪا 8 کان 9 اپريل 2026ع تي ڪينيڊا ۾ منعقد ٿيندي ۽ ان ڳالهه جي به تصديق ڪئي ته ڪينيڊا جو اعليٰ سطحي وفد پاڪستان ايڊيبل آئل اينڊ سيڊ ايڪسپوٽرز ڪانفرنس (جنوري 2026ع) ۾ شرڪت ڪندو. هن ڪينيڊا جي فوڊ پراسيسنگ ۽ زرعي صنعت ۾ ڪاميابين جو ذڪر ڪندي پاڪستان کي ان شعبي ۾ فني سهڪار جي آڇ ڪئي. وفاقي وزير رانا تنوير حسين ڪينيڊين تجويزن جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان انهن موقعن کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ ڪينيڊا سان ويجها رابطا جاري رکندو. هن تجويز ڏني ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ هڪ گڏيل ورڪنگ گروپ (جي ڊبليو جي) جوڙيو وڃي جيڪو سرٽيفيڪيشن، مارڪيٽ ايڪسس ۽ فني سهڪار جي معاملن تي اڳڀرائي کي يقيني بنائي. رانا تنوير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ڪينيڊا سان زرعي واپار، ٽيڪنالاجي جي منتقلي، فوڊ سيفٽي ۽ پائيدار ترقي جي شعبن ۾ شراڪتداري کي وڌيڪ مضبوط بنائيندو. ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته وفدن جي مٽا سٽا ۽ مسلسل مشاورت ذريعي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏني ويندي ته جيئن زراعت ۽ معيشت جي ميدان ۾ سهڪار کي نئين بلندين تائين پهچائي سگهجي.











