امن، خوشحالي ۽ ترقي ترجيح آهي، جديد ٽيڪنالاجي، ڄاڻ ۽ تجربي کي استعمال ۾ آڻڻو پوندو: وزيراعظم جو فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ڪانفرنس کي خطاب

رياض - 28 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انساني ترقي ۽ ڀلائي جي لاءِ عالمي حصيداري جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته امن، خوشحالي ۽ ترقي اسان جي ترجيح آهي، جديد ٽيڪنالاجي، ڄاڻ ۽ تجربي کي استعمال ۾ آڻڻو پوندو، ماحولياتي تبديلين سان ٿيندڙ تباهي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قرض فراهم ڪرڻ مسئلي جو حل نه آهي، عالمي برادري کي پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻي …

رياض – 28 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انساني ترقي ۽ ڀلائي جي لاءِ عالمي حصيداري جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته امن، خوشحالي ۽ ترقي اسان جي ترجيح آهي، جديد ٽيڪنالاجي، ڄاڻ ۽ تجربي کي استعمال ۾ آڻڻو پوندو، ماحولياتي تبديلين سان ٿيندڙ تباهي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قرض فراهم ڪرڻ مسئلي جو حل نه آهي، عالمي برادري کي پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻي پوندي، پاڪستان وڏي چئلينجن تي ضابطو آڻي ورتو آهي، نوجوانن جي وڏي آبادي کي موقعا فراهم ڪنداسين. هو فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ڪانفرنس تحت ”ڇا انسانيت صحيح رخ طرف گامزن آهي؟“ جي موضوع تي منعقد اعليٰ سطحي گول ميز بحث کي خطاب ڪري رهيو هو. مباحثي ۾ مختلف ملڪن جي اڳواڻن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي ۽ انسانيت کي درپيش وڏن مسئلن جي نشاندهي ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف مباحثي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي ترقي جي ويزن جي آجيان ڪئي. هن چيو ته سعودي عرب دنيا ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ جيڪي قدم کڻي رهيا آهن ان تي انهن کي مبارڪباد ڏيان ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آهي، اسان 78 سالن ۾ جيڪي غلطيون ڪيون آهن انهن مان سبق سکي اڳتي وڌي رهيا آهيون، پاڪستان حڪومت بهتري جي لاءِ وڏيون تبديليون ۽ سڌارن جي لاءِ وڏا قدم کنيا آهن، مختلف شعبن ۾ سڌارن جو عمل جاري آهي، ايف بي آر ۾ سڌارا آڻي مڪمل ڊيجيٽائيز ڪيو ويو آهي، ان سان ڪرپشن ۾ تمام گهڻي گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، اهو تمام وڏو چئلينج به آهي ۽ موقعو به، انهن کي هنر ۽ تربيت فراهم ڪري معاشري جو ڪارائتو شهري بڻائي رهيا آهيون ته جيئن اهي پنهنجو روزگار ڪمائڻ جي قابل ٿي سگهن. وزيراعظم ماحولياتي تبديلين جي مسئلي کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي کان شديد متاثر 10 ملڪن ۾ شامل آهي جڏهن ته اسان جو ماحولياتي بگاڙ ۾ حصو نه هجڻ جي برابر آهي، ماحولياتي تبديلين جي ڪري پاڪستان کي ٻوڏ ۽ ڪڪر ڦاٽڻ جهڙيون آفتون درپيش رهن ٿيون، 2022ع ۽ هلندڙ سال به قدرتي آفتن جي نتيجي ۾ پاڪستان کي اربين ڊالر جو نقصان ٿيو آهي، لکين گهر ۽ لکين ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا، نئين سر تعمير ۽ بحالي جي عمل جي لاءِ اسان کي وڌيڪ فنڊز جي ضرورت هوندي آهي پر قرض ان جو حل نه آهي، مسلسل قرضن سان ملڪي معيشت ڪمزور ٿي وڃي ٿي، اهو عالمي انساني مسئلو آهي جنهن جي حل لاءِ عالمي برادري کي پنهنجي ذميواري محسوس ڪرڻي پوندي ۽ اڳتي اچڻو پوندو. وزيراعظم انسانيت کي صحيح رخ ۾ وٺي وڃڻ جي لاءِ مختلف شعبن ۾ برابري جي تعاون تي زور ڏيندي چيو ته هڪ ٻئي سان مختلف شعبن ۾ تعاون سان اڳتي وڌي سگهجي ٿو، اسرندڙ ملڪن جي لاءِ موقعا وڌائڻا پوندا. هن چيو ته پاڪستان اي آءِ سميت جديد ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ طرف تيزي سان وڌي رهيو آهي، پنهنجي نوجوانن ۽ وسيلن کي ترقي جي لاءِ استعمال ۾ آڻينداسين. وزيراعظم هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته مصنوعي ذهانت مان فائدو کڻڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون، زرعي شعبي ۽ صنعتن ۾ جدت جي لاءِ اي آءِ مان فائدو کڻي رهيا آهيون، زرعي شعبي جي ترقي جي لاءِ نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي کان روشناس ڪرائي رهيا آهيون. هن گلوبل نارٿ جي گلوبل سائوٿ سان ترقي جي لاءِ حصيداري جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پنهنجي علم ۽ تجربن کي انسانيت جي ترقي ۽ ڀلائي جي لاءِ استعمال ڪرڻو پوندو. هن چيو ته زرعي شعبي جي ترقي جي لاءِ پاڪستاني نوجوان چين مان تربيت حاصل ڪري رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان تمام وڏي آبادي وارو ملڪ آهي، 24 ڪروڙ عوام جي لاءِ وڏا چئلينجز آهن پر اسان پنهنجي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ امن جي لاءِ هر وقت متحرڪ ۽ بيدار آهيون ۽ ميڪرو ليول تي استحڪام حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون، جيتوڻيڪ اهو ڪافي نه آهي پر اسان پراميد آهيون ته اسان ڏينهن رات محنت سان پنهنجي مسئلن تي ضابطو آڻي وٺنداسين. هن پنهنجي خاندان جو مثال ڏنو جنهن 1972ع ۾ پنهنجي سموري ڪاروبار ۽ صنعتن کي سرڪاري طور تي تحويل ۾ وٺڻ جي باوجُود اميد جو پاند نه ڇڏيو ۽ ڏينهن رات محنت سان جلد پنهنجو وڃايل مقام ٻيهر حاصل ڪري ورتو. وزيراعظم چيو ته مضبوط ارادي ۽ عزم حوصلي سان ڪا ڪاميابي ناممڪن نه آهي.