صدر آصف علي زرداري پاران ترڪيه جي 102هين جمهوريه ڏهاڙي جي موقعي تي ترڪ حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد

اسلام آباد - 28 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ترڪيه جي 102هين جمهوريه ڏهاڙي جي خوشي جي موقعي تي ترڪ حڪومت ۽ ڀائر عوام کي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هي عالمي ڏينهن تاريخ جي هڪ اهم لمحي جي نشاندهي ڪري ٿو جڏهن مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي بصيرت انگيز قيادت جي رهنمائي ۾ بهادر ترڪ قوم اصلاح، ترقي ۽ تجديد جي راهه تي گامزن ٿي. ايوان …

اسلام آباد – 28 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ترڪيه جي 102هين جمهوريه ڏهاڙي جي خوشي جي موقعي تي ترڪ حڪومت ۽ ڀائر عوام کي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هي عالمي ڏينهن تاريخ جي هڪ اهم لمحي جي نشاندهي ڪري ٿو جڏهن مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي بصيرت انگيز قيادت جي رهنمائي ۾ بهادر ترڪ قوم اصلاح، ترقي ۽ تجديد جي راهه تي گامزن ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ترڪيه جي جمهوريه ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته ترڪيه جي ماڻهن جنهن حوصلي ۽ عزم سان پنهنجي تقدير کي جوڙيو اهو سڄي دنيا جي نسلن کي متاثر ڪندو رهندو، علامه اقبال ۽ قائداعظم ترڪ جمهوريه جي قيام ۾ ترڪيه جي عوام جي بهادر قيادت ۽ انقلابي سڌارن کي ساراهيو جن ترڪيه کي عالمي دنيا ۾ قابل رشڪ قوم بڻائي ڇڏيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستاني عوام جي دلين ۾ ترڪيه هڪ خاص مقام رکي ٿو، ٻنهي قومن جي وچ ۾ گهرا رشتا گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ گڏيل احترام سان ڳنڍيل آهن. هن چيو ته ٻئي قومون هر مشڪل گهڙيءَ ۾ هڪ ٻئي سان اڻٿڪ ۽ مضبوط جبل وانگر بيٺل رهيون آهن، زندگي جي سمورن شعبن ۾ ترڪيه سان اداراجاتي تعلق مضبوط ۽ متحرڪ آهي. صدر اميد ظاهر ڪئي ته جيئن جيئن اسان اڳتي وڌنداسين اهو تيزي سان ترقي ڪندو. هن فخر ۽ جشن جي ان ڏينهن جي موقعي تي ترڪيه سان پاڪستان جي مستقل يڪجهتي جو ورجاءُ ڪندي ان يقين جو اظهار ڪيو ته اسان جي دوستي ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندي رهندي. صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ جمهوريه ترڪيه کي پائيدار امن، ترقي ۽ خوشحالي سان نوازي.