اسلام آباد - 28 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان ٽيليفون ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن غزه جي بدلجندڙ صورتحال ۽ فلسطين ۾ پائيدار امن جي لاءِ قدمن ۽ طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان نائب وزيراعظم کي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان جي ٽيليفون
اسلام آباد – 28 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان ٽيليفون ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن غزه جي بدلجندڙ صورتحال ۽ فلسطين ۾ پائيدار امن جي لاءِ قدمن ۽ طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان نائب وزيراعظم کي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي موقعي تي سفارتي عمل ۾ شريڪ 8 حصيدار ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي ايندڙ هفتي غزه بابت ترڪيه ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني.











