حڪومت جي تازين پاليسي جتي قابل تجديد توانائي جي فروغ کي يقيني بڻايو آهي: بئريسٽر دانيال چوڌري

اسلام آباد - 28 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت ۽ توانائي جي شعبي جي پائيدار ترقي جي لاءِ ضروري آهي ته اسان سولرائيزيشن جي عمل کي موثر پاليسين ۽ مقامي صنعت جي شموليت جي ذريعي اڳتي وڌايون، حڪومت جي تازين پاليسي جتي قابل تجديد توانائي جي فروغ کي يقيني بڻايو آهي، اتي عام صارفين ۽ …

اسلام آباد – 28 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت ۽ توانائي جي شعبي جي پائيدار ترقي جي لاءِ ضروري آهي ته اسان سولرائيزيشن جي عمل کي موثر پاليسين ۽ مقامي صنعت جي شموليت جي ذريعي اڳتي وڌايون، حڪومت جي تازين پاليسي جتي قابل تجديد توانائي جي فروغ کي يقيني بڻايو آهي، اتي عام صارفين ۽ ننڍي درجي جي صنعتن کي پڻ سولر ٽيڪنالاجي طرف راغب ڪيو آهي. تقريب کي خطاب ڪندي بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلين جي اثرن کي سڄي دنيا جي مقابلي ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ شدت سان برداشت ڪيو آهي جڏهن ته عالمي ڪاربن خارج ڪرڻ ۾ اسان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي. هن چيو ته ڪلائميٽ چينج فنڊز مان پاڪستان جهڙن ملڪن کي ترجيحي بنيادن تي مدد ملڻ گهرجي ته جيئن قابل تجديد توانائي جا منصوبا موثر طريقي سان اڳتي وڌي سگهن. هن ٻڌايو ته حڪومت پاران سولر پاليسي کي ڪلائميٽ چينج پاليسي سان هم آهنگ ڪيو ويو آهي ته جيئن نه رو توانائي جي متبادل ذريعن کي فروغ ڏنو ُڃي پر ماحولياتي پائيداري کي پڻ يقيني بڻائي سگهجي. سندس چوڻ هو ته حڪومت سولر پينلز تي محدود ٽيڪس لڳايو ته جيئن صارفين تي گهٽ کان گهٽ بار وجهي سگهجي. هن چيو ته آئيسڪو ريجن ۾ 24 – 2023ع دوران 33 هزار 834 سولر ڪنزيومرز هئا جيڪي 25 – 2024ع ۾ وڌي 72 هزار 331 ٿي ويا، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته عوام سولر انرجي طرف تيزي سان منتقل ٿي رهي آهي. بئريسٽر دانيال چوڌري ٻڌايو ته انهي عرصي ۾ آئيسڪو 379 ميگاواٽ جا سولر پينلز انسٽال ڪيا جن مان 653 گيگاواٽ آور بجلي قومي گرڊ ۾ واپس فراهم ڪئي وئي. هن چيو ته پنجاب حڪومت پاران آبادگارن کي مفت سولر اوزار فراهم ڪرڻ جو پروگرام پڻ ساراهه جوڳو آهي جيڪو زرعي پيداوار ۾ بهتري ۽ توانائي جي متبادل ذريعن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. وفاقي پارلياماني سيڪريٽري چيو ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن جي لاءِ ٽيڪس فري ۽ بنا وياج سولر پاليسي متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهي به بجلي جي وڌندڙ لاڳت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهن. هن چيو ته پاليسين جي تسلسل کانسواءِ ڪو به ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، تنهن ڪري موجوده پاليسين کي سياسي وابستگي کان مٿانهون ٿي جاري رکڻ ضروري آهي. آخر ۾ هن چيو ته پاڪستاني هڪ مضبوط قوم آهي جيڪا مثبت رخ ۾ گامزن آهي ۽ سولرائيزيشن جي فروغ سان ايندڙ سالن ۾ قومي معيشت، ماحوليات ۽ صنعتي ترقي ۾ نمايان بهتري ڏسڻ لاءِ ملندي.