اسلام آباد- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڪسٽمز جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي انٽرنيشنل ميل آفيس ذريعي پاڪستان ۾ منشيات جي اسمگلنگ جون 2 ڪوششون ناڪام بڻائيندي 11 ڪروڙ 40 لک رپيا ماليت جي منشيات هٿ ڪري ورتي. جاري ڪيل بيان مطابق پهرين پارسل مان 1.69 ڪلو گرام چرس هٿ آيو، جنهن جي ماليت لڳ ڀڳ 5 ڪروڙ 20 لک رپيا آهي. اهو پارسل ٿائي لينڊ کان آيو هو، ٻئي …
پاڪستان ڪسٽمز ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪروڙين رپين جي منشيات پاڪستان اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي
اسلام آباد- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڪسٽمز جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي انٽرنيشنل ميل آفيس ذريعي پاڪستان ۾ منشيات جي اسمگلنگ جون 2 ڪوششون ناڪام بڻائيندي 11 ڪروڙ 40 لک رپيا ماليت جي منشيات هٿ ڪري ورتي. جاري ڪيل بيان مطابق پهرين پارسل مان 1.69 ڪلو گرام چرس هٿ آيو، جنهن جي ماليت لڳ ڀڳ 5 ڪروڙ 20 لک رپيا آهي. اهو پارسل ٿائي لينڊ کان آيو هو، ٻئي پارسل مان (MDMA Ecstasy) جون 1945 غوريون هٿ ڪيون ويون جنهن جي ماليت لڳ ڀڳ 6 ڪروڙ 20 لک رپيا آهي. اهي غوريون بيلجيم مان آيل ويڪيوم ڪلينر جي پارسل ۾ لڪايون ويون هيون. سڄي دنيا ۾ اي- ڪامرس جي وڌندڙ رجحان سبب سرحد پار سامان جي ترسيل ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ ئي ڏوهاري نيٽ ورڪس ۽ ماڻهن طرفان پوسٽ جي نظام کي منشيات جي اسمگلنگ لاءِ استعمال ڪرڻ جي واقعن ۾ به اضافو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. پاڪستان ڪسٽمز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي اثرائتي نگراني ۽ بهتر ڪارڪردگي جي نتيجي ۾ وڏي مقدار ۾ غير قانوني منشيات ماڻهن تائين پهچڻ کان اڳ پڪڙي پئي وئي. پاڪستان ڪسٽمز انٽرنيشنل ميل سميت تمام امڪاني ذريعن کان منشيات جي اسمگلنگ خلاف سخت نگراني جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي.











